ٽائون ملازمن جون پگهارون نه ٿيون، ڪم ڇڏ هڙتال جاري

ٽائون ملازمن جون پگهارون نه ٿيون، ڪم ڇڏ هڙتال جاري

مٽياري (رياض چانڊيو) ٽائون ڪميٽي مٽياري جي ملازمن جي 3 مهينن کان بند پيل پگهارن جو مسئلو حل نه ٿي سگهيو آهي ملازمن طرفان ڇهين ڏينهن تي به ڪم ڇڏ هڙتال جاري رهي. ان حوالي  سان ٽائون يونين جي اڳواڻن نديم راجپوت، اويس ميمڻ، معشوق چانگ ۽ ٻين ميڊيا آڏو دانهيندي چيو ته اسان کي ٽن مهينن کان پگهارون نه مليون آهن جنهن سبب اسان جي گهرن ۾ فاقا ڪشيون برقرار آهن اسان جي گهرن جا مسئلا وڌي ويا آهن اسين سخت عذاب ۾ مبتلا ٿي ويا آهيون. هنن چيو ته هن سموري بحران جو ذميوار مٽياري ٽائون آفيسر آغا عابد آهي جيڪو پنهنجي هوڏ تي قائم آهي هن کي اسان جي سورن جو ڪوبه احساس ناهي. هنن چيو ته جيسيتائين اسان جون پگهارون جاري نه ٿيون ٿين تيستائين ڪم ڇڏ هڙتال ۽ احتجاج جو سلسلو جاري رهندو شهرين جي تڪليفن جو احساس آھي پر اسان جي ٻچن جو به احساس ڪيو وڃي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو