ٻيهر خطرو پيدا ٿيو ته آمريڪي انفراسٽرڪچر تباهه ڪري ڇڏينداسين: پاسدارانِ

ٻيهر خطرو پيدا ٿيو ته آمريڪي انفراسٽرڪچر تباهه ڪري ڇڏينداسين: پاسدارانِ

تهران (ويبن ڊيسڪ): ايران جي پاسدارانِ انقلاب آمريڪا ۽ ان جي اتحادين کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ايران کي ٻيهر ڪنهن خطرن جو سامھون ٿيو ته خطي ۾ موجود سمورا آمريڪي توڙي غير آمريڪي توانائي سسٽم ۽ انٽرنيٽ سان لاڳاپيل عالمي انفراسٽرڪچر تباهه ڪيو ويندو. پاسدارانِ انقلاب جي ترجمان برگيڊيئر جنرل حسين محبي دعويٰ ڪئي ته رمضان المبارڪ ۾ ايران تي مڙهيل جنگ بعد هاڻي خاليجِ فارس اندر هڪ به آمريڪي بحري ٻيڙو موجود ناهي. هن ٻڌايو ته مڙهيل جنگ واري وقت خاليجِ فارس ۾ آمريڪا جا 30 کان 40 جنگي ٻيڙا تعينات هئا پر ايران جي جاندار جواب بعد هينئر اتي ڪو به آمريڪي ٻيڙو ناهي. ترجمان چيو ته آمريڪا ايران جي سائوٿ پارس گئس فيلڊ ۽ اسالويه انرجي حب تي بمباري ڪئي هئي، جنهن جو جواب آمريڪا، اسرائيل ۽ ان جي اتحادين کي اهڙي طاقت سان ڏنو ويو جو آمريڪا لاءِ هيءَ جنگ جاري رکڻ سخت مشڪل بڻجي ويو هو.

هرمز تي اسان جو مڪمل ڪنٽرول آهي، ايران جو ناهي: ڊونلڊ ٽرمپ جو نئون دعويٰ
واشنگٽن (نيوز ڊيسڪ): آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ دعويٰ ڪئي آهي ته ايران بابت ترقي ياپته صورتحال تمام بهتر پوزيشن ۾ آهي ۽ آمريڪي فوجي دستن جو عالمي بحري پٽي آبنائي هرمز تي مڪمل ڪنٽرول قائم ٿي چڪو آهي. جوائنٽ بيس ائينڊريوز ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ايران بابت معاملا مڪمل طور اسان جي حڪمتِ عمليءَ موجب هلي رهيا آهن. هن چيو ته اسان آبنائي هرمز تي مڪمل ڪنٽرول رکون ٿا، اتي ڪنهن ٻئي جو نه پر صرف آمريڪا جو اٿارٽي ۽ ڪنٽرول آهي. ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايراني حڪام مسلسل سندس سان ڪوڙ ڳالهائيندا رهيا آهن، ان ڪري هو ايران تي اعتبار ڪندڙ آخري شخص هوندو. هن چيو ته هن وقت خالي ۽ مڪمل طور تي آبنائي هرمز تي آمريڪي بحريه جو ئي راڄ آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو