ٻين تي فتويٰ ڏيندڙن کي پنهنجي عملن تي غور ڪرڻ گهرجي: عليزي

ٻين تي فتويٰ ڏيندڙن کي پنهنجي عملن تي غور ڪرڻ گهرجي: عليزي

لاهور (ويب ڊيسڪ)مشهور اداڪارا عليزي شاهه مختصر لباس پائڻ تي تنقيد جو جواب ڏيندي چيو آهي ته مون کي ڪڏهن به پنهنجي انداز جي لباس ۾ عوامي راءِ جي ضرورت نه رهي آهي ۽ نه ئي مون کي ڪنهن جي اجازت جي ضرورت آهي.اداڪارا انسٽاگرام تي هڪ بيان ۾ چيو ته مان ننڍپڻ کان ئي بنا بازو جي لباس، شارٽس ۽ اسڪرٽ پائي رهي آهيان. منهنجي ماءُ مون کي ڪڏهن به ڪنهن خاص طريقي سان لباس پائڻ يا پراڻين روايتن تي عمل ڪرڻ تي مجبور نه ڪيو. هن مون کي پيار ڏنو، حدون نه. اهو منهنجي شخصيت جو حصو آهي ۽ ڪو نئون رويو ناهي.عليزي شاهه وڌيڪ چيو ته موجوده تنقيد ڪپڙن بابت نه پر عورتن کي ڪنٽرول ڪرڻ جي خيال بابت آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو