ٻيلي جي سرڪاري زمينن تي قبضن خلاف آپريشن شروع

ٻيلي جي سرڪاري زمينن تي قبضن خلاف آپريشن شروع

مانجهند (مهراڻ عمراڻي) ٻيلي کاتي طرفان تعلقي مانجهند ۾ ٻيلي جي زمينن تي قبضن خلاف آپريشن مهم تيز ڪندي آمري ۽ گدڙچي ٻيلن ۾ پوکيل فصل تي ٽريڪٽر هلائي ڀيلائي ڇڏيو. ٻيلي کاتي جي سرڪل ڪنزرويٽو ظفر علي وساڻ، ڊي ايف او ذيشان ڀنڀرو، رينجر مير حسن شاهه، فاريسٽر عبدالقادر، ڊي ايس پي آمري يونس رودناڻي، ايس ايڇ او ڇڇر ساجد علي ڳنڀير جي اڳواڻي ۾ وڏي انگ ۾ پوليس نفري ۽ فاريسٽ گارڊن چڙھائي ڪري بااثرن جي قبضي ۾ آيل  آمري ۽ گدڙجي ٻيلي ۾  ٽريڪٽر هلائي هزارين ايڪڙ تيار فصل ڀيلائي ڇڏيو.

پوليس ۽ عملي جي چڙھائي سبب قبضي خور مشينون پائيپ لائينن سميت ڪيتروئي سامان ڇڏي ڀڄي ويا. ان سلسلي ۾ مانجهند ايٽ خاڻوٺ تعلقي جي فاريسٽ رينجر مير حسن شاه ميڊيا کي تفصيل ڏيندي دعويٰ ڪئي  ته 1200 ايڪڙ ٻيلي کاتي جي زمين تي بااثرن طرفان پوکيل مرچ، بصر، مڪئي، وونئڻ، جوئر سميت مختلف تيار ٿيل فصل کي ڀيلائي ڇڏيو آھي 3 ٽيوب ويلن کي پڻ لٽايو ويو آهي جڏهن ه 10 موٽر پڻ تحويل ۾ ورتا آھن. هن وڌيڪ چيو ته فطرتي سونهن  وڻن جا چچڪا ڇٽي ٻيلي کي ٻيهر بحال ڪيو ويندو ۽ وڌيڪ قبضي خورن خلاف آپريشن جاري رهندو.

پهنجو تبصرو موڪليو