سکر (امداد ڪلوڙ) ڪمشنر شفيق احمد مهيسر ٻيلي کاتي جي زمينن تان قبضا ۽ غيرقانوني الاٽمينٽ فوري طور تي ختم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته ٻيلن کي محفوظ بڻائڻ لاءِ ڊي مارڪيشن ڪئي وڃي ۽ ان سلسلي ۾ روينيو کاتي سميت ٻين لاڳاپيل کاتن سان ڪوآرڊينيشن تيز ڪيو وڃي. هن اهڙيون هدايتون ٻيلي کاتي جي زمينن تي حددخلين جي خاتمي جي سلسلي ۾ ڪوٺايل اجلاس دوران ڏنيون. اجلاس ۾ رينجرز جي ڪرنل عمران حيدر، خيرپور، سکر ۽ گهوٽڪي جي ڊي سيز، ٻيلي کاتي جي آفيسرن، پوليس، روينيو ۽ ٻين لاڳاپيل کاتن جي آفيسرن شرڪت ڪئي. ڪمشنر ڊي سيز کي هدايت ڪئي ته ٻيلن جي ترقي ۽ زمينن تان قبضا ختم ڪرائڻ جي سلسلي ۾ مانيٽرنگ وڌائي وڃي ۽ ان ڏس ۾ اسسٽنٽ ڪمشنرز کي پنهنجي علائقن ۾ ٻيلي جا دورا ڪري رپورٽ تيار ڪرڻ جو پابند بڻايو وڃي. هن وڌيڪ چيو ته ٻيلن تان قبضا ختم ڪرائڻ لاءِ پوليس جو فوڪل پرسن مقرر ٿيڻ گهرجي، حددخليون هٽائڻ جي سلسلي ۾ پوليس جي مدد لاءِ پوليس جي اعليٰ اختيارين سان لکپڙهه ڪئي وڃي. هن هدايت ڪئي ته ٻيلي کاتي ۽ روينيو سميت ٻين کاتن وچ ۾ مسئلن ۽ معاملن جي فهرست ٺاهي وڃي ۽ حل ڪڍو. نئين سر سروي جو عمل تيز ڪري ڊي مارڪيشن ڪئي وڃي. هن چيو ته ٻيلي کاتي جي زمينن جي سروي ۽ ڊي مارڪيشن لاءِ روينيو کاتي جي سهڪار سان سروي آفيسر مقرر ڪيا وڃن. اِن کان اڳ ڊي ايف او افتخار آرائين اجلاس ۾ ٻڌايو ته سکر ڪمشنر جي حد واري ڪچي واري علائقي ۾ 41336 ايڪڙ ٻيلي تي قبضو هيو جنهن مان 36074 ايڪڙن تان قبضو ختم ڪرايو ويو آهي، جڏهن ته 5261 ايڪڙن تان اڃا به حددخليون هٽرائڻيون آهن. فاريسٽ آفيسر خيرپور ضياد الله لغاري ٻڌايو ته خيرپور ضلعي ۾ ٻيلن جي 18118 ايڪڙ ايراضي قبضي هيٺ هئي، جنهن مان 11319 ايڪڙ خالي ڪرايا ويا آهن، باقي 6799 ايڪڙ ايراضي تي اڃا به قبضو آهي. ڊي ايف او سکر رفيق احمد ماڪو ٻڌايو ته ضلعي سکر ۾ ڪُل ٻيلي کاتي جي زمين 1365 ايڪڙ آهي، 248 ايڪڙ قبضي هيٺ هئي جنهن مان 218 ايڪڙ خالي ڪرائي آهي، جڏهن ته 30 ايڪڙ اڃا حددخلين ۾ آهي. گهوٽڪي جي فاريسٽ آفيسر عابد حسين جتوئي ٻڌايو ته گهوٽڪي ضلعي ۾ ٻيلي جي 11835 ايڪڙ زمين قبضي هيٺ هئي جنهن مان 8120 ايڪڙ خالي ڪرايا ويا آهن، جڏهن ته 3715 ايڪڙ رهيل آهي.










