ٻوڏ ۽ نااهل حڪمرانن سان مقابلو وقت جي ضرورت آهي: فواد چوڌري

ٻوڏ ۽ نااهل حڪمرانن سان مقابلو وقت جي ضرورت آهي: فواد چوڌري

اسلام آباد:(بيورو) اڳوڻي سُڌ سماءُ واري وفاقي وزير ۽ تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ فواد چوڌري چيو آهي ته حڪومت اربين روپين جي ميڊيا مهم هلائي رهي آهي ته ملڪ ۾ ٻوڏ سبب تحريڪ انصاف کي حڪومت جي تبديلي لاءِ حقيقي آزادي جي تحريڪ معطل ڪرڻ گهرجي.سماجي رابطن جي ويب سائيٽ ٽوئيٽر تي پنهنجي پيغام ۾ تحريڪ انصاف جي سينئر اڳواڻ فواد چوڌري چيو ته هڪ طرف عوام جي آزادي کي تباهه ڪيو ويو آهي، اپوزيشن مٿان دهشتگردي جا پرچا ڪٽيا پيا وڃن ۽ چينلز بند ڪيا پيا وڃن. حڪومتي قدمن سان صحافي ملڪ ڇڏڻ تي مجبور ٿي چڪا آهن.اڳوڻي اطلاعات واري وزير وڌيڪ چيو ته سياسي ڪارڪنن تي وحشياڻو تشدد ڪيو پيو وڃي، ملڪ ۾ مهانگائي 44 سيڪڙو تي پهچي چڪي آهي. اهڙي صورتحال ۾ جيڪڏهن عمران خان نااهل حڪمرانن کان آزادي جي تحريڪ معطل ڪئي ته هي حڪمران پاڪستاني عوام کي تباهه ڪري ڇڏيندا.پنهنجي ٽوئيٽ دوران فواد چوڌري چيو ته ٻوڏ ۽ نااهل حڪمرانن سان مقابلو ئي وقت جي ضرورت آهي. هن عوام کي اپيل ڪندي چيو ته هن ناڪام حڪمرانن جي ڪوڙين همدردين کان بچو ۽ حقيقي آزادي جي لاءِ گهرن کان ٻاهر نڪرو.

پهنجو تبصرو موڪليو