مانجهند (ن سنڌيار)مانجهند تعلقي ۾ ٻوڏ متاثرن جي واهر نه ٿيڻ سميت سهولتن جي اڻھوند خلاف ايس يو پي ڪارڪنن جو انڊس هاء وي تي نٽھڻ اس ۾ 3 ڪلاڪ ڌرڻو ٽريفڪ معطل ،،تفصيل موجب مانجهند ۾ ايس يو پي تعلقه مانجهند طرفان ٻوڏ ۽ برسات متاثرن جي واهر نه ٿيڻ برساتي پاڻي نيڪال نه ٿيڻ ۽ سهولتن جي فقدان خلاف نٽھڻ اس ۾ ڪارڪنن انڊس هاء وي تي نٽھڻ اس ۾ 3 ڪلاڪ ڌرڻو هڻي انتظاميا خلاف ڇتي نعريبازي ڪئي وئي جنهن سبب ڄامشورو سيوهڻ روڊ جي ٻنهي طرفن کان سوين گاڏيون بيهجي ويون جنهن دوران مظاهرين ۽ مسافرن ۾ چڪريون پڻ ٿينديون رهيون ڪارڪنن ڳالهين لاء آيل ڊي ايس پي آمري کي روڊ کولڻ کان کتو جواب ڏئي ڌرڻو جاري رکيو ان موقعي تي اڳواڻن ڊويزنل صدر حيدرآباد خدا بخش ٿيٻو علي نواز ڪنڀر حق نواز مڱڻھار عنايٿ الله شاهاڻي شاهنواز شاه امام الدين ڇڇر ۽ ٻين ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ت ڊي سي ڄامشورو ۽ سندس ٽيم جي نااهلي سبب ٻوڏ ۽ برسات متاثر دربدري واري زندگي گذاري رهيا آھن واهر نه ٿيڻ سبب کليل آسمان هيٺ بکون ڪاٽڻ تي مجبور آھن روڊ رستا ٽٽل هئڻ سبب زميني رابطا ختم ٿي ويا آھن پيئڻ جي پاڻي جي شديد کوٽ پيدا ٿيل آھي گندي پاڻي جي نيڪالي جا مسئلا حل نه ٿيڻ سبب هر طرف بدبوء ڦھليل آھي جنهن سان مڇرن جو آزار وڌي ويو آھي ٻوڏ متاثرن جي علاج لاء ڪاب ميڊيڪل موبائيل ٽيم تشڪيل نه ڏني وئي آھي جنهن سبب متاثرن جي حالت خراب ٿي وئي آھي انتظاميا بااثر سياسي شخصيت جي ونگار وهندي من پسندن کي راشن ڏنو پيو وڃي هنن مطالبو ڪيو ت متاثرن کي اجها ۽ راشن ڏئي بنيادي مسئلا حل ڪيا وڃن ٻي صورت ۾ ٻيهر روڊ بند ڪيو ويندو هوڏانهن اسسٽنٽ ڪمشنر مانجهند نظام الدين جتوئي ڌرڻي واري پهچي مسئلن جي حل جي خاطري ڪري روڊ کولرائي ڇڏيو.










