ٻوڏ متاثر خاندانن کي 50 هزار رپيا في خاندان امداد فراهم جلد ڏيڻ جو حڪم

ٻوڏ متاثر خاندانن کي 50 هزار رپيا في خاندان امداد فراهم جلد ڏيڻ جو حڪم

اسلام آباد (بيورو) وزيراعظم شهبازشريف ٻوڏ متاثر خاندانن کي ٽن ڏينهن اندر 50 هزار رپيا في خاندان امداد فراهم ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪري ڇڏيون ۽ چيو ته ٻوڏ ستيل علائقن ۾ سمورن متاثر گهراڻن کي 30 هزار بدران 50 هزار رپيا فوري طور تي ڏنا وڃن ٻوڏ متاثر گهراڻن کي 50 هزار روڪ رقم اين ڊي ايم اي جي سرپرستي ۾ بينظير انڪم سپورٽ پروگرام فراهم ڪري متاثرن کي امداد ڏيڻ واري طريقيڪار کي شفاف رکيو وڃي ڪيش امداد جي فراهمي اليڪٽرانڪ ٽرانسفر جي ذريعي ڪئي وڃي ۽ ان ڳالهه کي يقيني بڻايو وڃي ته حقدار کي ان جو حق ملي وزيراعظم آفيس مان جاري ڪيل پڌرائي مطابق وزيراعظم شهبازشريف ٻوڏ سٽيل علائقن تي قائم رليف ڪوآرڊينيشن ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪئي اجلاس ۾ وفاقي وزير مفتاح اسماعيل، احسن اقبال، مريم اورنگزيب، مرتضيٰ جاويد عباسي، مولانا اسد محمود، وزيراعظم جو صلاحڪار قمرزمان ڪائره، چيئرمين اين ڊي ايم اي ليفٽيننٽ جنرل اختر نواز ۽ لاڳاپيل اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. وفاقي وزير هائوسنگ مولانا عبدالواسع، بلوچستان جو وڏو وزير عبدالقدوس بزنجو بلوچستان اسيمبلي ميمبر ثناءُالله بلوچ وڊيو لنڪ جي ذريعي شرڪت ڪئي. اجلاس کي ٻڌايو ويو ته برساتن جي هاڻوڪي سلسلي جي ڪري سيلاب سان ٿيل نقصانن جي ڪاٿي لاءِ صوبن جي سهڪار سان سروي ان سلسلي کان پوءِ شروع ڪيو ويندو اجلاس کي ٻڌايو ويوت ه سروي مڪمل ٿيڻ تائين حڪومت بي آئي ايس پي تحت متاثر گهراڻن تي 30 هزار رپين جي فوري ايمرجنسي ڪيش رليف فراهم ڪندي جنهن تي وزيراعظم رليف جي رقم کي 30 هزار مان وڌائي 50 هزار ڪرڻ ۽ اين ڊي ايم اي کي ان آپريشن جي نگراني ڪرڻ جون هدايتون جاري ڪيون اجلاس کي ٻڌايو ويو ته وفاقي حڪومت پرڏيهي ڊونرز ۽ ٻين فلاحي ادارن سان لاڳيتو رابطي ۾ آهي ان ڏس ۾ ايشين ڊيولپمينٽ بئنڪ اي ڊي پي ۽ ورلڊ بئنڪ حڪومت کي ايمرجنسي ڊيزاسٽر رليف فنڊ تحت ٻوڏ سان تباهه ٿيل انفرااسٽريڪچر جي نئين سر تعمير ۽ بحالي لاءِ ضروري فنڊ مهيا ڪرڻ جي خاطري ڪرائي آهي. ان کان سواءِ ٻوڏ متاثر علائقن ۾ داڪٽرز ۽ پيرا ميڊڪس جون ٽيمون اماڻيون ويون آهن ۽ هائر ايجوڪيشن ڪميشن ٻوڏ متاثر تعليمي ادارن ۾ نقصان جو ڪاٿو لڳائي رهيو آهي اجلاس کي بلوچستان جي وڏي وزير ۽ صوبائي چيف سيڪريٽري طرفان بلوچستان ۾ جاري برساتن جي هاڻوڪي سلسلي جي نتيجي ۾ ٿيندڙ مالي ۽ جاني نقصان ۽ صوبائي حڪومت جي متاثرن لاءِ ريسڪيو ۽ رليف جي قدمن کان به تفصيلي طور تي آگاهه ڪيو ويو وزيراعطم هدايت ڪئي ته 50 هزار روڪ امداد ورهائڻ وارو لائحه عمل فلڊ رليف ڪوآرڊينيشن ڪميٽي اڄ شام تائين طئي ڪري رپورٽ پيش ڪري وزيراعظم ٻڌايو ته سيلاب جي نقصانن جي ڪاٿي لاءِ صوبن سان گڏيل سروي کي 5 جي بدران ٽن هفتن ۾ مڪمل ڪيو وڇي وزيراعظم هدايت ڪئي ته صوبائي حڪومتون ٻوڏ متاثرن جي بروقت امداد لاءِ اين ڊي ايم اي سان جلد گڏيل سروي بابت تعاون ۽ تعريفن جي حوالي سان رابطو ڪن وزيراعظم چيو ته هي صوبائي حڪومتن جو اختيار اهي ته اهي وفاقي حڪومت جي ٻوڏ متاثرن لاءِ امدادي ڪوششن جو حصو بڻجن جڏهن ته وفاقي حڪومت پنهنجن وسيلن سان ٻوڏ متاثرن جي امداد ۽ بحالي تي يقيني بڻائيندي وزيراعظم هدايت ڪئي ته سڌسماءَ واري وفاقي وزير ان حوالي سان آگاهي مهم لاءِ جامع پلان تيار ڪري.

پهنجو تبصرو موڪليو