ڪراچي(ايڊيٽر ڊيسڪ)مون شاٽ اي آءِ (Moonshot AI) پنهنجي نئين اوپن سورس مصنوعي ذهانت (AI) ماڊل “ڪمي K3” کي متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي، جيڪو 2.8 ٽريلين پيرا ميٽرز تي ٻڌل آهي ۽ ان کي دنيا جو پهريون اوپن 3T-ڪلاس AI ماڊل قرار ڏنو پيو وڃي.
هن وقت تائين جاري ڪيل سڀ کان وڏي اوپن سورس AI ماڊل طور ساراهيل ڪمي K3،زيپو AI (Zhipu AI) پاران هڪ مهينو اڳ جاري ڪيل GLM-5.2 کان پوءِ متعارف ٿيو آهي.
سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ موجب، چيني AI ڪمپنيون آمريڪا جي معروف مصنوعي ذهانت ڪمپنين سان فرق گهٽائڻ لاءِ پنهنجون ڪوششون تيز ڪري رهيون آهن.
پيچيده ۽ ڊگهي مدي وارن ڪمن لاءِ تيار ڪيل ڪمي K3 ۾ قدرتي بصري (Vision) صلاحيتون ۽ هڪ ملين ٽوڪنن تي ٻڌل ڪنٽيڪسٽ ونڊو موجود آهي. مون شاٽ AI موجب، اها صلاحيت ڊگهي ڪوڊنگ سيشنن، وڏن ڪوڊ رپوزيٽرين ۽ متن، تصويرن سميت مختلف قسمن جي معلومات کي گڏ ڪري ڪم ڪرڻ کي وڌيڪ مؤثر بڻائي ٿي.
ڪمپني ڪمي K3 کي خاص طور سائنسي تحقيق لاءِ تيار ڪيل اوزار طور پيش ڪيو آهي. هي ماڊل انٽرايڪٽو بصري چارٽن سان گڏ تحقيقي رپورٽون، سائنسي تجزيا ۽ ترميم لائق پريزنٽيشنون تيار ڪري سگهي ٿو. ان کان علاوه، ان جا Widgets ۽ Dashboard فيچر صارفين کي مستقل ۽ انٽرايڪٽو ورڪ اسپيس ٺاهڻ جي سهولت ڏين ٿا.
ڪمپني موجب، ڪمي K3 هڪ اهڙو ڪم لڳ ڀڳ ٻن ڪلاڪن ۾ مڪمل ڪيو، جنهن لاءِ عام طور تي ڪنهن تجربيڪار محقق کي هڪ کان ٻه هفتا لڳن ها.
مون شاٽ AI جو چوڻ آهي ته ڪمي K3 سندن جاچ واري نظام ۾ “فرنٽيئر ليول” جي ڪارڪردگي ڏيکاري ۽ آزمائشي ٻين ماڊلن کان مسلسل بهتر نتيجا ڏنا. البته ڪمپني اعتراف ڪيو ته اهو اڃا به سڀ کان طاقتور بند سورس (Proprietary) ماڊلن Claude Fable 5 ۽ GPT 5.6 Sol کان ڪجهه پوئتي آهي.
“هاڻي ڪمي اچي ويو آهي”
پنهنجي لانچ بلاگ ۾ مون شاٽ AI ٻڌايو ته ڪمي K3 کي ڪمپني جي Kimi Delta Attention ۽ Attention Residuals آرڪيٽيڪچر سان گڏ Mixture-of-Experts فريم ورڪ ذريعي تيار ڪيو ويو آهي، جيڪو 896 ماهرن مان هڪ وقت ۾ 16 ماهرن کي فعال ڪري ٿو.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته انهن بهتريّن سبب ڪمي K3 جي اسڪيلنگ ڪارڪردگي Kimi K2 جي ڀيٽ ۾ لڳ ڀڳ اڍائي ڀيرا وڌيڪ ٿي وئي آهي.
سائوٿ چائنا مارننگ پوسٽ موجب، 2.8 ٽريلين پيرا ميٽرز سان ليس ڪمي K3 کي “اوپن فرنٽيئر انٽيليجنس” حاصل آهي ۽ ان کي ڊگهي مدي واري ڪوڊنگ، علمي ڪم ۽ منطقي استدلال وارن پيچيده ڪمن لاءِ تيار ڪيو ويو آهي.
مون شاٽ AI پاران جاري ڪيل بينچ مارڪ نتيجن موجب، ڪمي K3 ڪيترن ئي آزمائشي ماڊلن، جن ۾ OpenAI جو GPT-5.5، Anthropic جو Claude Opus 4.8 ۽ Zhipu AI جو GLM-5.2 شامل آهن، کان بهتر ڪارڪردگي ڏيکاري.
ڪمپني پنهنجي بلاگ ۾ ڪمي K3 جون مختلف صلاحيتون به پيش ڪيون.
انهن موجب، ماڊل GPU ڪرنلز کي بهتر بڻائڻ، MiniTriton نالي GPU ڪمپائلر تيار ڪرڻ، اوپن سورس اليڪٽرانڪ ڊيزائن آٽوميشن اوزارن جي مدد سان AI چپ جو ابتدائي خاڪو ٺاهڻ ۽ ڪمپيوٽيشنل فلڪيات (Astrophysics) سان لاڳاپيل پيچيده ڪم مڪمل ڪرڻ ۾ ڪامياب ٿيو.
هن ماڊل ڪمپيوٽيشنل فلڪيات ۾ I–Love–Q Universal Relations کي به ٻيهر تيار ڪيو. ان لاءِ هن 20 کان وڌيڪ تحقيقي مقالن جو جائزو ورتو ۽ انهن جي تصديق ڪئي، عددي تجزئي وارو پائپ لائين تيار ڪيو، 300 کان وڌيڪ Equation of State جو جائزو ورتو، 3,000 کان وڌيڪ سٽن تي مشتمل Python ڪوڊ لکيو ۽ آخر ۾ هڪ انٽرايڪٽو HTML ڊيش بورڊ به تيار ڪيو.
ڇا ڪمي OpenAI جي صف ۾ شامل ٿي سگهندو؟
عالمي AI مارڪيٽ بابت اڳڪٿي آهي ته ان جو حجم 539.5 ارب ڊالر مان وڌي 2033ع تائين 3.497 ٽريلين ڊالر تائين پهچي ويندو، جنهن مان ظاهر ٿئي ٿو ته مصنوعي ذهانت جي عالمي اثر ۾ تيزي سان اضافو ٿيندو.
Boston Consulting Group موجب، ايندڙ ٻن کان ٽن سالن دوران آمريڪا جي 50 سيڪڙو کان وڌيڪ نوڪرين تي مصنوعي ذهانت جو نمايان اثر پوندو.
اهڙي صورتحال ۾ چين آمريڪي ڪمپنين سان مقابلي لاءِ ڪمي K3 کي باضابطه طور مارڪيٽ ۾ متعارف ڪرائي ڇڏيو آهي.
مون شاٽ AI جي بلاگ موجب، ڪمي K3 هن وقت Kimi.com، Kimi Work، Kimi Code ۽ Kimi API ذريعي دستياب آهي. شروعاتي مرحلي ۾ هي ماڊل وڌ کان وڌ استدلال (Maximum Reasoning) واري موڊ سان هلندو، جڏهن ته گهٽ ۽ وڌيڪ محنت وارا ٻيا موڊ مستقبل جي اپڊيٽن ۾ شامل ڪيا ويندا.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته 27 جولاءِ 2026ع تائين ماڊل جا مڪمل Weights ۽ هڪ تفصيلي ٽيڪنيڪل رپورٽ پڻ جاري ڪئي ويندي، جنهن ۾ ماڊل جي آرڪيٽيڪچر، تربيت جي عمل ۽ ڪارڪردگي بابت مڪمل ڄاڻ شامل هوندي. هن وقت صارف مون شاٽ AI جي مختلف پليٽفارمن ذريعي ڪمي K3 کي آزمائي سگهن ٿا.










