ٻن طاقتن جي وچ ۾ جنگ بندي جو ڪريڊٽ ٽرمپ ڏانهن وڃي ٿو

ٻن طاقتن جي وچ ۾ جنگ بندي جو ڪريڊٽ ٽرمپ ڏانهن وڃي ٿو

اسلام آباد (بيورو رپورٽ)وفاقي گهرو وزير محسن نقوي آمريڪي سفير نيٽالي بيڪر سان ملاقات ڪئي.ملاقات ۾ گڏيل دلچسپي جي معاملن، پاڪ-آمريڪا لاڳاپن ۽ ٻطرفي تعاون کي وڌائڻ تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. پاڪستان-ڀارت جنگ بندي کان پوءِ جي صورتحال تي به بحث ڪيو ويو.گهرو وزير آمريڪي صدر ٽرمپ ۽ سفير جو پاڪستان-ڀارت جنگ بندي ۾ اهم ڪردار ادا ڪرڻ تي شڪريو ادا ڪيو ۽ چيو ته ٻن ايٽمي طاقتن جي وچ ۾ جنگ بندي جو ڪريڊٽ آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ کي وڃي ٿو.محسن نقوي چيو ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ خطي کي هڪ خوفناڪ آفت کان بچائي انسانيت جي خدمت ڪئي آهي. پاڪستان جي قيادت آمريڪي صدر جي مثبت خيالن جو استقبال ڪري ٿي ۽ آمريڪا سان باهمي تعاون کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ چاهي ٿي.

پهنجو تبصرو موڪليو