ملير ( درياخان شر) ابراھيم حيدري ٿاڻي جي حد ۾ پوليس ڳجهي اطلاع تي ڇاپو هڻي معصوم ڇوڪري سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪندڙ مبينه جوابدار کي گرفتار ڪري ورتو آهي. گرفتار جوابدار 16 سيپٽمبر تي گھر ۾ کيڏڻ لاء آيل 4/5 سالن جي ٻارڙي سان جنسي ڏاڍائي جي ڪوشش ڪئي هئي. ٻارڙي جي والد پوليس کي واقعي جو اطلاع ڏنو. جنھن بعد جوابدار گرفتاري جي خوف کان روپوش ٿي ويو.










