ٻارن کي معذوري کان بچايو، پوليو جا ڦڙا پياريو، سجهاڳي واڪ

ڪنڌڪوٽ(غالب بلوچ)ڊپٽي ڪمشنر ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي جي اڳواڻي ۾ 02 اگسٽ کان 06 اگسٽ  2021 تائين جاري رهندڙ قومي انسداد پوليو مهم جي انتظامن جو جائزو وٺڻ لاء ڊسٽرڪٽ ڪمپليڪس ۾ اجلاس ڪوٺايو ويو .جنهن ۾  ڊاڪٽر غلام حسين بليدي  آيرا ڪوآرڊينيٽر  ڪمشنر آفيس لاڙڪانه . ضلعي صحت . ريوينيو اين جي اوز ۽ لاڳاپيل عملدارن شرڪت ڪئي. اجلاس کي بريفنگ ڏيندي پوليو فوڪل پرسن  چيو ته قومي انسداد پوليو مهم دوران 277027 ٻارن کي انسداد پوليو جا ڦڙا پيارڻ جو ٽارگيٽ مقرر ڪيو ويو آهي جنهن لاء 719 موبائل ٽيمون 46 ٽرازٽ ۽ 55 مقرره ٽيمون گهر گهر وڃي 5 سال تائين ٻارن کي پوليو جا ڦڙا پيارينديون جڏهن ته 64 يو سي ايم او ۽ 06 تعلقه آفيسر مهم جي نگراني ڪندا  سيڪيورٽي حوالي سان ڪجه مسئلا آهن جن کي جلد حل ڪيو وڃي ۔ ان موقعي تي اجلاس سان خطاب ڪندي  ڊپٽي ڪمشنر  پوليس کي سيڪيورٽي حوالي سان سخت هدايتون جاري ڪندي چيو ته  پوليس پاران ٽيمن جي تحفظ کي يقيني بنائڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪري ۽ لاڳاپيل عملداران کي هدايت ڪئي ته هو گهٽ ڪارڪردگي وارين يو سين کي بهتر ڪرڻ لاء پنهنجو ڪردار ادا ڪن ته جئين ڪو به ٻار هن مهم کان رهجي نه وڃي جڏهن ته انڪاري ڪيسن تي پڻ خاص ڌيان ڏنو وڃي هن وڌيڪ چيو ته ڪرونا سنگين صورتحال کي نظر ۾ رکندي   ايس او پيز تي عملدرامد کي يقيني بنايو وڃي هن عملي کي سختي سان هدايت ڪندي چيو ته پوليو مهم دوران ڪنهن به قسم جي لا پرواهي نه ڪئي وڃي ان موقعي تي ڊي ايچ او  ڊاڪٽر اعجاز احمد سومرو ،ڊاڪٽر نور دين ،  ڊاڪٽر سشيل ڪمار ۽ ڊبليو ايچ او نمائندن .بشير احمد چاچڙ  شرڪت ڪئي۔  ٻئي پاسي ڊپٽي ڪمشنر  ڪشمور ايٽ ڪنڌڪوٽ منور علي مٺياڻي جي اڳواڻي ۾ مختلف کاتن جي عملدارن ۽ سماجي نمائندن پاران پوليو جي مهم بابت سجهاڳي واڪ ڪئي وئي.  ريلي کي خطاب ڪندي ڊپٽي ڪمشنر منور علي مٺياڻي ۽ ڊسٽرڪٽ هيلٿ آفيسر ڊاڪٽر اعجاز احمد سومرو جو چوڻ هو ته پوليو جي خاتمي لاء اسان سڀني کي ملي ڪري ڪوشش ڪرڻي آهي  ته جئين پوليو جهڙي مرض جو خاتمو ڪري پنهنجي نسلن کي دائمي معذوري کان بچائي  سگهجي.

پهنجو تبصرو موڪليو