جاتي (محمد صديق ٻارڻ) تعليم کاتي جون دعوائون ڪوڙيون ثابت، جاتي تعلقي ۾ تعليم جا پساھ پورا، ڪيترائي اسڪول بند باقي ڪاغذن ۾ ھلڻ لڳا، استاد گهر ويٺي پگھار کڻن لڳا جيڪي اسڪول ھلن ٿا ته انهن ۾ فرنيچر ڪونهي اسڪول جي مرمت نه ٿيڻ سبب زبون حالي جو شڪار آهن. گورنمينٽ پرائمري اسڪول حاجي ھاشم ٻارڻ ۾ 60 کان وڌيڪ شاگرد ھڪ ڪمري ۾ ھڪ ئي استاد پڙهائي ٿو جڏهن ته عمارت جي مرمت به ڪيترن سالن کان ناهي ٿي سگهي ڇت مان چاپڙ ڪرڻ جو سلسلو جاري آھي.

ڳوٺاڻن سنڌ يار سان ڳالهائيدي چيو ته اسان سنڌ حڪومت کان مطالبو ٿا ڪريون ته اسان کي اسڪول جو ھڪ اضافي ڪمرو ۽ ھڪ استاد ڏنو وڃي. ٻئي طرف يوسي گل محمد جي چيئرمين جي ڳوٺ جو اسڪول گورنمينٽ پرائمري گرلس اسڪول خان محمد ٻارڻ ڪيترن ئي سالن کان بند آهي ۽ اسڪول جي ڇت ۽ مرمت جو ڪم ڪرائڻ لاءِ گورنمينٽ ڪم ھڪ ٺيڪيدار کي ڏنو پر ٺيڪيدار ڇت ٺاهڻ بدران پراڻي ڇت ڊاھي انهيَ مان نڪتل پراڻو لوھ کپائي ويو جيڪو هن مهل تائين گم آهي.










