لاهور (ويب ڊيسڪ) لاهور هاءِڪورٽ معاهدي جي بنياد تي ٻار جو نان نفقو (خرچ) ختم ڪرڻ واري پيءُ جي اپيل خارج ڪري ڇڏي.
لاهور هائيڪورٽ جي جسٽس محسن اختر ڪياني درخواست تي تفصيلي تحريري فيصلو جاري ڪري ڇڏيو.
عدالت معاهدي جي بنياد تي ٻار جو نان نفقو ختم ڪرڻ بابت پيءُ جي اپيل خارج ڪندي ٽرائل ڪورٽ، فيملي ڪورٽ ۽ اپيلٽ ڪورٽ جا فيصلا برقرار رکيا آهن.
فيصلي موجب، ڌرين جي شادي 2002ع ۾ ٿي هئي جڏهن ته 2005ع ۾ طلاق ٿي وئي، طلاق کان پوءِ خاندان جي وڏن ٻنهي ڌرين جي وچ ۾ هڪ معاهدو ڪرايو جنهن تحت مڙس ٻار جي نان نفقگي جي حوالي سان 60 هزار رپيا ادا ڪندو.
عدالتي حڪمنامي ۾ چيو ويو آهي ته عورت 2019ع ۾ ٻار جي نان نفقگي جو دعويٰ داخل ڪيو جنهن ۾ درخواستگذار موقف اختيار ڪيو ته معاهدي جي باوجود دعويٰ داخل ڪرڻ غير قانوني آهي، تنهن هوندي به عدالت قرار ڏنو ته مالي تنگي به پيءُ جي نان نفقگي جي ذميواري ختم نٿي ڪري سگهي ۽ نابالغ ٻار جو نان نفقو پيءُ تي مستقل جاري رهندڙ فرض آهي.
فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته ڪنهن به نجي معاهدي يا راضي نامي جي ذريعي نابالغ ٻار جي نان نفقگي جو حق ختم نٿو ڪري سگهجي.
عدالت واضح ڪيو آهي ته نان نفقو پيءُ تي صرف قانوني ئي نه پر اخلاقي ۽ مذهبي ذميواري پڻ آهي، جڏهن ته ادا نه ڪيل نان نفقو پيءُ تي واجب الادا قرض آهي جيڪو ختم نٿو ٿي سگهي.
لاهور هائيڪورٽ پيءُ جي درخواست خارج ڪندي فيصلي جي ڪاپي ‘لا اينڊ جسٽس ڪميشن’ ۽ ‘قانون ۽ انصاف واري وزارت’ کي به موڪلڻ جو حڪم ڏنو آهي.










