ٺاروشاھ ۾ ڀيل تان جهيڙو،ڌريون رتو رت

ٺاروشاھ ۾ ڀيل تان جهيڙو،ڌريون رتو رت

نوشھرو فيروز (رپورٽ منظور ملڪ ) ٺاروشاھ ڀرسان ڳوٺ ڇٽل ابڙو ۾ فصل ۾ چوپايو مال جي ڀيل تان معصوم ڌنار ٻارڙي مٿان حملو لٺيون لڳڻ ڪري معصوم ٻارڙو مزمل ابڙو جي چيلھ جي هڏي ڀڄي پئي مرڻنگ حالت ۾ ٻارڙي کي اسپتال پهچايو ويو جتي فرسٽ ايڊ ڏيڻ بعد کيس ڳڻتي جوڳي حالت ۾ نوشھروفيروز ريفر ڪيو ويو اين سي داخل ڪوبه جوابدار گرفتار نه ٿي سگهيو, زخمي ٻارڙي جي والد حاڪم علي ابڙو ٻڌايو ته منهنجو پٽ چوپايو مال چاري رهيو هئو ته هڪ ٻڪري ڀرسان بيٺل گاھ جي فصل ۾ پئجي وئي جنهن تي ڳوٺ جي ٽن ڄڻن بشارت ابڙو سلطان گوهر ابڙو حملو ڪري پٽ کي لٺيون هنڻي چيلھ ڀڃي ڇڏي آھي هن چيو ته جوابدارن پٽ کي لٺين جا وسڪارا لائي بيهوش ڪري فٽو ڪري ويا هن چيو ته اهڙي اين سي ٺاروشاھ ٿاڻي تي داخل ڪرائي آهي پر پوليس هن مهل تائين ڪوبه جوابدار گرفتار نه ڪيو آھي هن ايس ايس پي نوشھروفيروز ۽ ٻين وس وارن کان مطالبو ڪندي چيو ته حملي آورن کي فوري طور گرفتار ڪري انصاف ڪيو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو