ڪراچي(ويب ڊيسڪ)روسي صدر ولاديمير پوتن ۽ آمريڪي صدر جو بائيڊن ۾ ٽيليفون ڪال تي يوڪرين تي ممڪنه حملي ۽ جنگ جي وڌندڙ خطري جي تناظر ۾ ڳالهه ٻولهه ٿي آهي. آمريڪي صدر بائيڊن سان ڳالهائڻ کان اڳ، روسي صدر فرانسيسي صدر ايمنيوئل ميڪرون کي ٽيليفون ڪيو، جنهن هن هفتي جي شروعات ۾ ماسڪو ۾ ساڻس ملاقات ڪئي هئي، صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي، روس ۽ اولهه جي وچ ۾ جنگ کان پوء سڀ کان وڏو سيڪيورٽي بحران آهي. ڪريملن پاران جاري ڪيل روسي ۽ فرانسيسي صدرن جي وچ ۾ ڪال جا تفصيل ظاهر ڪن ٿا ته تڪرار کي گهٽائڻ ۾ ڪجهه اڳڀرائي ٿي وئي آهي. وائيٽ هائوس موجب جو بائيڊن ۽ ولاديمير پيوٽن وچ ۾ اهم ڪال هڪ ڪلاڪ هلي، جيڪا جو بائيڊن ڪيمپ ڊيوڊ کان ڪئي. آمريڪا هڪ بيان ۾ چيو آهي ته جيڪڏهن روس يوڪرين تي حملو ڪيو ته ان کي ”فوري ۽ سخت جوابي ڪارروائي“ کي منهن ڏيڻو پوندو، ڳالهه ٻولهه جا وڌيڪ تفصيل موجود ناهن. آمريڪا اعلان ڪيو آهي ته هو يوڪرين جي گاديءَ واري هنڌ ۾ پنهنجو سفارتخانو خالي ڪندو، بدترين صورتحال جي لاءِ تياري جو اشارو ڏئي ٿو. ٻين يورپي ملڪن بعد برطانيا به پنهنجي شهرين کي يوڪرين ڇڏڻ جي هدايت ڪئي آهي. پيوتن ۽ بائيڊن جي رابطي بعد آمريڪي ميڊيا ۾ هلندڙ خبرن جي روس سخت مذمت ڪئي آهي. روس جي پرڏيهي وزارت هڪ بيان ۾ چيو آهي ته آمريڪي ميڊيا جنگ جي ترايخ به ڏئي رهي آهي ۽ هيجان پيدا ڪري رهي آهي. روسي ترجمان چيو ته ٻنهي صدرن ۾ ڳالهيون مثبت رهيون.










