يومِ علي تي سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا: شاهه

يومِ علي تي سڪيورٽي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا: شاهه

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر): مڪاني ادارن واري صوبائي وزير ناصر حسين شاهه چيو آهي ته حضرت علي ڪرم الله وجهه جي شهادت واري ڏهاڙي تي سڪيورٽي ۽ بلدياتي معاملن بابت غير معمولي انتظام ڪيا ويا. جلوسن ۽ مجلسن جي منتظمين جي صلاح مشوري سان حڪومت پاران مختلف رٿائن سميت بلدياتي معاملن بابت مذهبي اڳواڻن ۽ آفيسرن جي صلاح کانپوءِ انتظام ڪيا. هن چيو ته قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ انتظاميه جي گڏيل حڪمت عملي تحت سڪيورٽي جا انتظام ڪيا ويا ۽ ماتمي جلوسن جي سهولت لاءِ حڪومت پاران هر ممڪن قدم کنيا ويا. صوبائي وزير چيو ته ڪي ايم سي ۽ ڊي ايم سيز پاران ماتمي جلوسن لاءِ خاص انتظام ڪيا ويا. هن چيو ته سنڌ سالڊ ويسٽ مئنيجمينٽ بورڊ صفائي جا خاص بندوبست ڪيا ۽ مرڪزي جلوس جي رستن جي صفائي ڪرڻ کان علاوه روڊن تي چونو پڻ لڳايو ويو. هن چيو ته مسجدن ۽ امام بارگاهن جي چوڌاري صفائي جا غير معمولي انتظام ڪيا ويا جڏهن ته واٽر بورڊ پاران جلوسن جي گذرگاهن تي نيڪال جو نظام فعال رکڻ لاءِ به سٺا انتظام ڪيا ويا. هن چيو ته سمورن روڊن تي نالن کي ڍڪڻ لڳايا ويا ۽ اجتماعن، امام بارگاهن ۽ مسجدن ۾ پاڻي جي فراهمي کي يقيني بڻايو ويو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو