اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) 23 مارچ تي يوم پاڪستان پريڊ محدود پيماني تي روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.يوم پاڪستان پريڊ کي محدود پيماني تي منعقد ڪرڻ جو فيصلو رمضان المبارڪ جي ڪري ڪيو ويو آهي، پريڊ ۾ ٽنهي هٿياربند فوج جا دستا به شريڪ ٿيندا.يوم پاڪستان پريڊ ايوان صدر جي احاطي ۾ منعقد ڪئي ويندي. صدر آصف علي زرداري تقريب جو خاص مهمان هوندو. پريڊ ۾ هٿياربند فوج جا دستا خاص مهمانن کي سلامي پيش ڪندا. ذريعن موجب پاڪ فضائيه جا ويڙهاڪ جهاز به ايوان صدر جي سامهون فلائي پاسٽ ڪندا. پريڊ ۾ پاڪستان آرمي جو پائپ اينڊ پرڪشن بينڊ پنهنجي فن جو به مظاهر ڪندو. يوم پاڪستان جي تقريب ۾ پرڏيهي سفيرن ۽ ٻين اهم شخصيتن کي به گهرايو ويو آهي.










