سموري قوم ۽ هٿياربند فوج هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن: زرداري

سموري قوم ۽ هٿياربند فوج هر قسم جي قرباني ڏيڻ لاءِ تيار آهن: زرداري

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) اڄ ملڪ ۾ يوم پاڪستان قومي جوش ۽ جذبي سان ملهايو پيو وڃي.يوم پاڪستان جي موقعي تي، وفاقي راڄڌاني ۾ ڏينهن جي شروعات توپن جي سلامي سان ڪئي وئي، جڏهن ته شاعر مشرق علامه اقبال جي مزار تي گارڊز جي تبديلي جي باوقار تقريب پڻ منعقد ڪئي وئي.يوم پاڪستان جي موقعي تي مکيه پريڊ اسلام آباد جي صدارتي محل ۾ منعقد ڪئي وئي، جنهن ۾ صدر آصف علي زرداري خاص مهمان طور شرڪت ڪئي. وزيراعظم شهباز شريف، هٿياربند فوجن جي سربراهن، پرڏيهي سفيرن ۽ وفاقي وزيرن پڻ پريڊ ۾ شرڪت ڪئي.آرمي، نيوي ۽ ايئر فورس جي دستن جو مارچ پاسٽ، جديد ترين J10C جي فارميشن لائينئر بم برسٽ پيش ڪيا، JF17 ٿنڊر، F-16 ۽ ميراج جهازن پڻ فلائي پاسٽ پيش ڪيو، پاڪستان ايئر فورس جي شيردل فارميشن آسمان ۾ قومي جهنڊي جا رنگ پکيڙيا، آرمي اسڪول آف ميوزڪ جي پائپ ۽ پرڪشن بينڊ هوا ۾ شاندار ڌنون پکيڙيون.تقريب ۾ صدر، وزيراعظم، دفاع واري وزير ۽ هٿياربند فوجن جي سربراهن شرڪت ڪئي، خاص مهمان صدر آصف علي زرداري سان گڏ، جنهن پريڊ جو معائنو ڪيو.

پهنجو تبصرو موڪليو