باڊھ (رپورٽ محمد قاسم ٻگهيو )باڊھ ڀرسان يوسي دڙا ۾ ٻن خانگي ملازمن جون پگهارون نه ملڻ جو انڪشاف ٿيو آھي يوسي دڙا جي خلاف محمد سومرو، ۽ معشوق سومرو دانهيندي چيو ته هو يوسي جي ڪيترن ئي ڳوٺن گندي نيڪال وارين نالين جي صفائي ڪندا آھن پر يوسي سيڪرٽري پگهار ڏيڻ کان ختو جواب پگهار ڏئي ڇڏيو هنن چيو ته يوسي دڙا جي ڳوٺن جي گندي نيڪال وارين نالين جي صفائي ڪري ڪيترن ئي ڳوٺن جي گهٽين کي ٻهاري پڻ ڏيندا آهيون پر اسان کي گذريل ٽن مهينن کان رهيل پگهارون نه ٿيو ڏنيون وڃن جنهن ڪري اسان سخت ڏکيائيون ڏسي رهيا آهيو هنن وڌيڪ چيو ته اڳوڻي يوسي چيئرمين جي دور کان وٺي اسان يوسي دڙا ۾ پرائيويٽ طور تي مقرر ٿيل آهيون اسان جي پگهار ٻارهن، ٻارهن هزار مقرر ٿيل آهن ۔ يوسي سيڪريٽري ھٿان اسان کي هر مهيني ڇھ، ڇھ هزار ڏنا پيا وڃن جيڪا اسان سان ثراثر نا انصافي آهي










