لاهور(ويب ڊيسڪ) دل جي اسپتال ۾ وڪيلن جي هنگامه آرائي جي جاچ لاءِ پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار قانون واري صوبائي وزير راجه بشارت جي سربرهاي ۾ جاچ ڪميٽي ٺاهي ڇڏي آهي. جنهن ۾ وزير صحت ياسمين راشد، آءِ جي پنجاب پوليس، ايڊيشنل چيف سيڪريٽر، گهڙو ۽ صحت کاتن جا سيڪريٽي شامل هوندا. هي ڪميٽي جاچ ڪري هنگامون ڪندڙ وڪيلن جو تعين به ڪندي. ان کان اڳ پنجاب انسٽيٽيوٽ آف ڪارڊيولوجي ميدان جنگ بڻجي وئي. وڪيلن اسپتال ۾ زبردستي داخل ٿي ڊاڪٽرن ۽ پيرا ميڊڪ اسٽاف تي تشدد ڪيو ۽ ڀڃ ڊاهه ڪئي. اسپتال ۾ بيٺل گاڏين جا شيشه ڀڃي ڇڏيا. ٻنهي ڌرين ۾ پٿراءُ شروع ٿي ويو. پوليس آئي ته وڪيلن پوليس وارن تي به پٿراءُ ڪيو جنهن بعد پوليس ڳوڙها گيس جي شيلنگ ڪئي ته وڪيلن مڇرجي پوليس جي موبائيل کي باهه ڏئي ڇڏي ۽ هوائي فائرنگ ڪئي. صوبائي اطلاعات جو وزير فياض الحسن چوهاڻ آيو ته وڪيلن ۽ سادن ڪپڙن ۾ ماڻهن کيس پڪڙي ٿڦا ٿڦي ڪئي، هن جي گردن مان پڪڙيو ويو ۽ وار پٽيا ويا ۽ ٿڦڙون هيون ويون. پوليس جي گاڏي کي باهه لڳائي وئي. هڪ ڪارو ڪوٽ پاتل همراهه پسٽل لوڊ ڪيو ۽ هوائي فائرنگ ڪندو رهيو.

صحافين سندس فوٽيج ٺاهيو ته هٿيار بند وڪيل صحافين تي هٿيار تاڻي کين منع ڪئي. وڪيلن جو چوڻ آهي ته ڊاڪٽرن وڪيلن کي گاريون ڏنيون ۽ هڪ ويڊيو وائرل ٿي آهي جنهن ۾ ڊاڪٽر غليظ گاريون ڏئي رهيا آهن. وڪيلن آءِ جي پنجاب کي چيو ته ٻن ڊاڪٽرن خلاف دهشتگردي جو ڪيس داخل ڪريو انڪار بعد وڪيلن احتجاج ڪندي اسپتال تي حملو ڪيو. پوليس ۽ ريجنرز به پهچي وئي آهي وڪيلن جي گرفتاري شروع ٿي وئي آهي. عيني شاهدن موجب وڪيلن آپريشن ٿيٽر جا دروازا ڀڃي ڇڏيا ته ڊاڪٽر ۽ عملو جان بچائي ٻاهر ڀڳا. فياض الحسن چوهان چيو ته مونکي اغوا ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي جيڪي به ان ۾ ملوث آهن کين بخش نه ڪبو. ڊان جي رپورٽر ڪنزا کان فون وڪيل کسي ويا ۽ کيس مار ڪٽ ڪئي. وزيراعظم ۽ پنجاب جي وڏي وزير واقعي جو نوٽيس ورتو ۽ رپورٽ طلب ڪئي آهي. هڪ عورت جي فوت ٿيڻ جو اطلاع آهي، مريض ۾ ڪيهاٽ پئجي ويا ڪيترائي مريض ايمبولينسز ۾ بي يارو مددگار پيا رهيا. پوليس موجب 10 جي لڳ ڀڳ وڪيلن کي گرفتار ڪيو ويو آهي.










