وڪي ليڪس جي باني آمريڪا حوالي ڪرڻ خلاف برطانيا ۾ اپيل داخل

وڪي ليڪس جي باني آمريڪا حوالي ڪرڻ خلاف برطانيا ۾ اپيل داخل

لنڊن (ويب ڊيسڪ)وڪي ليڪس جي باني جولين اسانج برطانيا جي کيس آمريڪا حوالي ڪرڻ واري فيصلي خلاف اپيل داخل ڪئي آهي.51 سالن جي جولين اسانج کي جاسوسي جي 17 ڏوهن ۾ 175 سال قيد جي سزا ٻڌائي وئي آهي.وڪي ليڪس طرفان جاري ڪيل بيان موجب جولين اسانج جي وڪيلن برطانيا جي هاءِ ڪورٽ ۾ آمريڪا ۽ برطانوي گهرو سيڪريٽري پريتي پيٽيل خلاف اپيل داخل ڪئي آهي.برطانوي گهرو سيڪريٽري جولين اسانج کي جون 2022 ۾ آمريڪا حوالي ڪرڻ جي منظوري ڏني.جولين اسانج جي وڪيلن جو چوڻ آهي ته وڪي ليڪس جي باني کي سندس سياسي خيالن جي سزا ڏني پئي وڃي.سندس زال اسٽيلا اسانج جو چوڻ آهي ته جولين اسانج خلاف ڪيس غير قانوني آهن ۽ ثبوت ثابت ڪن ٿا ته سندس مڙس خلاف آمريڪي ڪوششون مجرمانه آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو