ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)اسٽيٽ بئنڪ آف پاڪستان (SBP) جي گورنر، جميل احمد، پاڪستان جو نئون ريل ٽائيم انٽر بئنڪ سيٽلمينٽ ميڪانيزم پرزم پلس (PRISM+) سسٽم جاري ڪري ڇڏيو آهي. جيڪو ملڪ جي مالي مارڪيٽ جي انفراسٽرڪچر جي جديدڪاري ۾ هڪ اهم سنگ ميل آهي۔ افتتاحي تقريب نيباف (قومي ادارو براءِ بئنڪنگ ۽ فنانس) ڪراچي ۾ ٿي، جنهن ۾ بئنڪن جا سي اي اوز، مائڪرو فنانس ادارن جا نمائندا، پيمينٽ سسٽم آپريٽرز (PSOs)، پيمينٽ سروس پرووائيڊرز (PSPs)، اسٽيٽ بئنڪ جا سينيئر عملدار ۽ ٻين اسٽيڪ هولڊرز شرڪت ڪئي۔ پنهنجي تقرير ۾، گورنر اسٽيٽ بئنڪ جميل احمد چيو ته PRISM+، اسٽيٽ بئنڪ جي ڊجيٽل مالي انفراسٽرڪچر کي ويزن 2028 جي مطابق مضبوط ڪرڻ واري عزم جي عڪاسي ڪري ٿو۔ PRISM+ سان گڏ، پاڪستان، دنيا جي انهن ٿورڙن ملڪن ۾ شامل ٿي ويو آهي جن ISO 20022 عالمي ميسيجنگ اسٽينڊرڊ کي رٽيل ۽ وڏن ادائيگي سسٽمز لاءِ اختيار ڪيو آهي۔ هي جديد معيار تي ٻڌل سسٽم وڌايل سهولتون پيش ڪري ٿو، جن ۾ منظم مالي پيغام رسائي، بهتر انٽرآپريبلٽي (پاڻ ۾ ڪم ڪرڻ جي صلاحيت) ۽ وڌيڪ شفافيت شامل آهي۔ ان سان گڏ جديد خوبيون به متعارف ڪرايون ويون آهن جهڙوڪ: ريئل ٽائيم لِڪوئيڊيٽي مينيجمينٽ ٽولز، ٽرانزيڪشن جي قطار ۽ ترجيحن جي ترتيب، مستقبل جي تاريخ واريون ادائيگيون، ۽ سينٽرل سيڪيورٽيز ڊپازٽري (CSD) سان بي رڪاوٽ انٽيگريشن ـ جنهن ۾ آڪشنز، ريپوز ۽ مالي آپريشن شامل آهن۔ گورنر وڏي مالي ادائيگي سسٽمن جي حڪمتِ عملي واري اهميت تي زور ڏنو۔ هن ٻڌايو ته مالي سال 2024 ۾ PRISM سسٽم 1,043 ٽريلين رپين جي ٽرانزيڪشنز پروسيس ڪيون ـ جيڪي پاڪستان جي GDP کان ڏهه ڀيرا وڌيڪ آهن۔ هن چيو ته PRISM+ سان گڏ اسين هن سسٽم جي گنجائش ۽ ڪارڪردگي وڌائي رهيا آهيون ته جيئن وڌندڙ مالي مارڪيٽ جي ضرورتن کي پورو ڪري سگهجي۔ جميل احمد پاڪستان جي ڊجيٽل تبديليءَ جي وسيع منظرنامي کي به اجاگر ڪيو، ۽ ڊجيٽل چينلز جي وڌندڙ استعمال جو حوالو ڏنو۔ هن ٻڌايو ته پاڪستان ۾ هاڻي 225 ملين کان وڌيڪ بئنڪ ۽ ڊجيٽل والٽ اڪائونٽس آهن، جن ۾ 96 ملين يونيڪ يوزرز شامل آهن۔ 28 ملين رجسٽرڊ بئنڪنگ ايپس جا يوزرز، 71 ملين برانچ ليس بئنڪنگ جا يوزرز، ۽ 17 ملين انٽرنيٽ بئنڪنگ جا يوزرز آهن، جيڪي صارفين جي ترجيحن ۾ ڊجيٽل مالي سهولتن ڏانهن مضبوط شفٽ کي ظاهر ڪن ٿا۔ گورنر يقين ڏياريو ته اسٽيٽ بئنڪ پيمينٽ سسٽمن جي سيڪيورٽي ۽ لچڪ تي سخت ڌيان ڏئي رهي آهي۔ هن زور ڏنو ته جيئن پاڪستان جي ڊجيٽل انفراسٽرڪچر ۾ واڌ ٿئي ٿي، SBP سائبر سيڪيورٽي، مني لانڊرنگ جي روڪٿام (AML) ۽ فراڊ مينيجمينٽ ۽ ڪنٽرولز جا سخت فريم ورڪ لاڳو ڪيا آهن ته جيئن مالي سسٽم ۾ اعتماد ۽ شفافيت يقيني بڻائي سگهجي۔ گورنر، ورلڊ بئنڪ گروپ جي ٽيڪنيڪل ۽ مالي سهائتا جو به اعتراف ڪيو، جيڪا مالي شموليت ۽ انفراسٽرڪچر پروجيڪٽ تحت ڏني وئي۔ هن SBP جي ٽيمز ۽ ماهرن جي ڪوششن جي به واکاڻ ڪئي، جن هي پروجيڪٽ مڪمل ڪيو۔ هن چيو ته اها ڪاميابي SBP ۽ اسٽيڪ هولڊرز ـ جن ۾ ڪمرشل بئنڪون، صلاحڪار ۽ ٽيڪنالاجي جا ساٿي شامل آهن ـ جي ويجهي هم آهنگي ۽ تعاون کانسواءِ ممڪن نه هئي۔ هن چيو ته اسٽيٽ بئنڪ مالي انفراسٽرڪچر کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ ۽ هڪ ڊجيٽل فورم طور تي بااختيار ۽ شراڪتي معيشت جي تعمير لاءِ پرعزم آهي۔










