ڪراچي(اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه پاران سنڌ جي ناليواري قلمڪار ۽ تاريخ دان گل حسن ڪلمتي کي گلدستو پيش ڪيو ويو ۽ چيو ته هو سندس جلد صحتيابي لاءِ دعاگو آهي. وڏي وزير چيو ته مشهور تاريخدان ۽ ليکڪ گل حسن ڪلمتي سنڌ جو سرمايو آهي، سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه ناليواري ليکڪ گل حسن جي جلد صحتيابي لاءِ دعا پڻ ڪئي. سنڌ جي وڏي وزير جي ترجمان موجب گل حسن ڪلمتي ڪجهه عرصي کان بيمار هو ۽ مقامي اسپتال ۾ علاج هيٺ آهي.










