ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ جي وڏي وزير سنڌ جرنلسٽ ڪائونسل جي نون چونڊيل عهديدارن کي مبارڪباد ڏني سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه رفيق ڀٽو کي سرپرست چونڊجڻ تي، قاضي ذوالفقار کي صدر ۽ شاهد سيال کي جنرل سيڪريٽري چونڊجڻ تي مبارڪباد ڏني آهي. . سنڌ جو وڏو وزير چيو ته اميد آهي ته نئين چونڊيل باڊي صحافين جي مسئلن تي ڀرپور توجه ڏيندو چونڊون جمهوريت جو حسن آهن ۽ اها روايت سدائين قائم رهندي آزاد صحافت سماج جو اصل روح آهي










