لاهور(ويب ڊيسڪ) پنجاب اسيمبلي جي ڊپٽي اسپيڪر دوست محمد مزاري چيو آهي ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ اڄ ٿيندي ۽ اليڪشن جو نتيجو به اڄ ئي ايندو. پنجاب اسيمبلي پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي دوست محمد مزاري چيو ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ اسيمبلي قاعدن موجب ٿيندي، آزاد ۽ شفاف چونڊون ڪرايون وينديون، معاملو التوا ۾ وڃڻ نه ڏنو ويندو. هن چيو ته جيڪڏهن ڪو سمجهي ٿو ته هن اسيمبلي جو ماحول خراب ڪرڻو آهي ته مون کي دٻاءُ نه کڻڻو پوندو، سڪيورٽي تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ڊپٽي اسپيڪر چيو ته ميڊيا جا نمائندا اندر ۽ ٻاهر موجود هوندا، توهان ڏسندا ته پنجاب جي وڏي وزير جي چونڊ اڄ ٿيندي ۽ اليڪشن جو نتيجو به اڄ ئي اچي ويندو. دوست محمد مزاري چيو ته انحراف ڪندڙ ميمبر آرٽيڪل 63 اي تحت ووٽ ڏئي سگهن ٿا، ان کانپوءِ پارٽي سربراهه خلاف ڪارروائي ڪئي ويندي. هڪ سوال جي جواب ۾ ڊپٽي اسپيڪر پنجاب اسيمبلي چيو ته حمزه شهباز کان پئسا وٺڻ جو ڪو ثبوت آهي ته سامهون آڻي.










