وڏن ضلعن کي ورهائڻ ۽ ڪياماڙي کي نئون ضلعو ٺاهڻ جي منظوري

وڏن ضلعن کي ورهائڻ ۽ ڪياماڙي کي نئون ضلعو ٺاهڻ جي منظوري

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سيد مراد علي شاهه جي صدارت ۾ ٿيل ڪابينا جي اجلاس ۾ سنڌ جي وڏن ضلعن کي ٽوڙي نوان ضلعا ٺاهڻ جو فيصلو، وڏي وزير مراد علي شاهه سمورن ضلعن جون حدبنديون ڪري نوان ضلعا ٺاهڻ لاءِ تجويزون پيش ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي، ڪابينا جي اجلاس دوران ميمبرز طرفان خيرپور کي به ٻن ضلعن ۾ ورهائڻ جي تجويز، سنڌ ڪابينا ڪراچي ۾ ڪياماڙي ضلعو ٺاهڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي، ڪياماڙي ضلعي ۾ سائيٽ، بلديه، هاربر ۽ ماڙيپور وارا علائقا شامل هوندا، اجلاس ۾ بورڊ آف روينيو جي سينيئر ميمبر بريفنگ ڏيندي چيو ته هن وقت ڪراچي اولهه ۾ 7 سب ڊويزنس آهن، جِن ۾ منگهوپير، سائيٽ، بلديه، اورنگي، مومن آباد، هاربر ۽ ماڙيپور وارا علائقا شامل آهن، ڪراچي اولهه جي مجموعي آبادي 39 لک، 14 هزار 757 آهي، آبادي جي حساب سان اولهه ضلعو سنڌ جو سڀ کان وڏو ضلعو آهي، وڏي وزير ڪابينا آڏو تجويز رکي ته ڏکڻ ضلعي کي ڊسٽرڪٽ ڪراچي جو نالو ڏنو وڃي، ڪراچي جي ضلعن کي اُتان جي مشهور علائقن جا نالا ڏنا وڃن.سنڌ ڪابينا اِي اسٽيمپ رولز 2020ع جي منظوري ڏئي ڇڏي، اي اسٽيمپ رولز ۾ ترميم ڪري  لارمس آءِ ٽي جي مينيٽيننس جا اختيار ڏنا ويا، وڏي وزير چيو آهي ته اي اسٽيمپ رولز جي منظوري کانپوءِ روينيو اوڳاڙي ۾ اضافو ٿيندو، اجلاس ۾ وقف پراپرٽيز ايڪٽ 2020ع ۾ ترميمن جي منظوري ڏني وئي. هن ايڪٽ کي ايف اي ٽي ايف جي قانون پٽاندڙ ٺاهيو ويو آهي، اجلاس کي خطاب ڪندي وڏي وزير مراد علي شاهه چيو آهي ته لوڪل گورنمينٽ جو مُدو 28 آگسٽ تي پورو ٿي رهيو آهي، جيڪو سنڌ حڪومت جي جمهوريت پسندي جو ثبوت آهي، ٻين صوبن ۾ لوڪل گورنمينٽ جو مدو پورو نه ٿي سگهيو آهي، اسان ميئر کي جيل ۾ به ڪم ڪرڻ ڏنو ۽ ساڻس سهڪار ڪيو، اجلاس دوران ڪابينا ميمبرز لوڪل باڊيز جو مُدو پورو ٿيڻ تي وڏي وزير کي واڌايون ڏنيون.

پهنجو تبصرو موڪليو