وڌيڪ ڊالر وصول ڪندڙ بئنڪن کي وڌيڪ ڏنڊ وڌو ويندو: پاشه

وڌيڪ ڊالر وصول ڪندڙ بئنڪن کي وڌيڪ ڏنڊ وڌو ويندو: پاشه

اسلام آباد(بيورو رپورٽ)ناڻي واري وزير عائشه غوث پاشا چيو آهي ته ڊالر جي وڌيڪ شرح وصول ڪندڙ بئنڪن کي جيترو ٿي سگهي ڏنڊ وڌو ويندو ته جيئن مستقبل ۾ ڪو به بئنڪ اهڙو ڪم نه ڪري.سينيٽ جي ناڻي بابت اسٽينڊنگ ڪميٽي جو اجلاس سينيٽر سليم مانڊوي والا جي صدارت هيٺ ٿيو.سينيٽر ڪامل علي آغا چيو ته ايف بي آر مون کي حراسان ڪري رهيو آهي، مون کي گاڏي ڊڪليئر نه ڪرڻ تي نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي جڏهن ته مون پنهنجي ٽيڪس ريٽرن ۾ گاڏي ظاهر ڪئي آهي.چيئرمين ايف بي آر معاملي جي جاچ لاءِ مهلت گهري ورتي.سليم مانڊوي والا چيو ته مون ان معاملي تي ايف بي آر کان وضاحت طلب ڪئي آهي.اجلاس ۾ اسٽيٽ بئنڪ جي گورنر جميل احمد چيو ته بئنڪن پاران اوور چارجنگ جي جاچ هلندڙ مهيني مڪمل ڪئي ويندي.مختلف بئنڪن جن ۾ هڪ سرڪاري بئنڪ به شامل آهي، اها اوور چارجنگ گذريل سال ان وقت ڪئي، جڏهن ڊالر جي کوٽ ٿي ۽ ڊالر مهانگو ٿيڻ لڳو.

پهنجو تبصرو موڪليو