عمرڪوٽ (ن س ) وٺي هر هر جنم وربو جهڙن امر گيتن جي خالق، سنڌ جي عاشق ۽ ناليواري شاعر جمن دربدر جي دل اوچتو بيهجي وئي، جمن دربدر جي اوچتي وڇوڙي تي سنڌ سوڳوار ٿي وئي آھي،ماما جمن دربدر 80 ورهين جي ڄمار ۾ دل جو دورو پوڻ سبب دم ڏنو، جمن دربدر جي جنازي نماز عمرڪوٽ ويجهو ڳوٺ روحل واءِ ۾ ادا ڪئي ويندي، جمن دربدر جي مزاحمتي شاعري سنڌ جي جاڳرتا ۾ اهم ڪردار ادا ڪيو،سنڌ ۾ جديد قومپرستي جي باني جي ايم سيد پنهنجي ڪتابن ۾ به جمن دربدر جي شاعريءَ جو ذڪر ڪيو، سنڌ جي ڏات ڌڻين پاران جمن دربدر جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيوويو آھي ماما جمن دربدر سموري ڄمار قومپرست سياست، ادب ۽ آرٽ کي ارپي ڇڏي، جمن دربدر استاد شفيع فقير سميت مختلف فنڪارن سان گڏجي گيت به ڳايا،جمن دربدر قومپرست سياست ۾ سڄي سنڌ ۾ جهرجهنگ پيرين پنڌ وڃي ڪارڪنن جي تربيت ڪئي، جمن دربدر اسٽيج ڊرامن، ٿيٽر ۽ ٻين مختلف اسٽيج پروگرامن ذريعي سنڌ جي نوجوانن ۾ شعور اجاگر ڪيو، جمن دربدر وٺي ھر ھر جنم وربو مٺا مھراڻ ۾ ملبو سميت ڪيترائي گيت لکيا ۽ ڳايا،سنڌ جي ڏات ڌڻين ۽ سياسي سماجي اڳواڻن پاران به جمن دربدر جي وڇوڙي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو آھي










