وينزويلا زلزلا، فوتين جو انگ 1400 ٿي ويو، هزارين لاپتا

وينزويلا زلزلا، فوتين جو انگ 1400 ٿي ويو، هزارين لاپتا

ڪاراڪاس(ويب ڊيسڪ) وينزويلا ۾ گذريل اربع ڏينهن هڪ ٻئي پٽيان آيل 7.2 ۽ 7.5 جي شدت وارن تباهه ڪن زلزلن ۾ فوتين جو انگ 1400 ٿي ويو آهي ۽ هزارين ماڻهو اڃا لاپتا آهن.
آمريڪا سميت وينزويلا جي پاڙيسري ملڪن جون ريسڪيون ٽيمون ملبي جو ڍير بڻيل عمارتن مان ڳولا جاري آهي. گذريل ڏينهن هڪ نئين ڄاول ٻار سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي جيئرو ڪڍيو ويو هو.
وينزويلا ۾ سياسي ۽ معاشي بحران سبب خلق اڳ ۾ ئي پريشان هئي پر هن زلزلي عوام جو جيئڻ جنجال ڪري ڇڏيو آهي، هزارين ماڻهو پنهنجي ڪري پيل عمارتن مان سامن به ڳولي رهيا آهن، جيڪي کلي آسمان هيٺان سمهڻ تي مجبور آهن.
دنيا جي مختلف ملڪن مان امدادي سامان پهچي رهيو آهي پر سرڪاري سرپرستي ۾ ان جي ورهاست سست هئڻ سبب عوام مطمئن ناهي.
ياد رهي ته هن سال جي شروع ۾ آمريڪا چونڊيل سوشلسٽ صدر مادورو کي صدارتي محل مان گرفتار ڪيو هو ۽ هاڻي واشنگٽن ۾ ڊرگ مافيا سان تعلقات جي الزام ۾ ڪيس هلايو پيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو