ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ دوري لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ملتوي

ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ دوري لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ملتوي

لاهور(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي دؤره ويسٽ انڊيز ۽ انگلينڊ لاءِ ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ايندڙ هفتي ٿيڻ جو امڪان آهي.ذريعن موجب، هلندڙ هفتي قومي سليڪٽرز حتمي مشاورت لاءِ ويٺا هئا پر اسڪواڊ جو اعلان نه ٿي سگهيو، رانديگرن جي فٽنيس جا مسئلا سامهون اچڻ ڪري قومي اسڪواڊ جو اعلان نه ڪيو ويو. ذريعن جو چوڻ آهي ته رانديگرن جي فٽنيس مسئلن جي ڪري ريڊ بال ڪيمپ ۾ وڌيڪ رانديگرن کي گهرايو ويو آهي، عبدالله شفيق، ڪامران غلام، حمزه نذر، روحيل نذير ۽ عرفات منهاس ريڊ بال ڪيمپ ۾ شامل ٿي ويا آهن، جڏهن ته محمد رضوان ۽ سعود شڪيل جي ريڪوري (صحتيابي) تي ڪم ڪيو پيو وڃي. ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته ريڊ بال ڪيمپ ۾ شامل فٽنيس مسئلن جو شڪار رانديگرن جي ايندڙ هفتي اسيسمينٽ (جاچ) ڪئي ويندي، جنهن کانپوءِ ٽيسٽ اسڪواڊ جو اعلان ڪيو ويندو ۽ اسڪواڊ جي اعلان سان گڏ ئي ريڊ بال ڪيمپ کي به ختم ڪيو ويندو. ذريعن موجب، سعود شڪيل ۽ محمد رضوان جي بيڪ اپ (متبادل) لاءِ رانديگر گهرايا ويا آهن، اهي ٽيم مان ٻاهر ناهن ٿيا، جڏهن ته اسپنرز ۾ علي عثمان به اسڪواڊ ۾ شموليت جو اميدوار آهي. قومي ٽيم جو ويسٽ انڊيز ۾ پريڪٽس ميچ 18 جولاءِ، جڏهن ته پهريون ٽيسٽ ميچ 25 جولاءِ کان شروع ٿيڻو آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو