وياجين جي وانگار، پوليس ٻن نوجوانن کي کنڀي وئي

وياجين جي وانگار، پوليس ٻن نوجوانن کي کنڀي وئي

سلطانپور رپورٽر (قربان مهر)ڳوٺ حاصل واهڻ ۾ پنوعاقل پوليس ۽ ڪينٽ پوليس جي مبينا چڙهائي ۽ زيادتين خلاف جوڻيجا برادريء جو احتجاجي مظاهرو ،جڏهن ته مؤقف پڇڻ تي ايس ايڇ او ڪينٽ ذوالفقار علي ڀنڀرو لڳايل الزامن کي رد ڪندي چيو ته واپاري راشد سميجو ء جوٹیجا برادري جو ذاتي معاملو آهي ڪنهن کي به گرفتار ناهي ڪيو. ٻئي پاسي نوجوان احسان الله جوڻيجو جي وارثن استاد قطب الدين، اسد الله،اربيلو، مظھرالدين ٻين صحافين کي ٻڌايو ته ڪينٽ پوليس پنوعاقل جي واپاري راشد سميجو جي ونگار وهندي وياج جي پئسن جي ڪري اسان جو نوجوان کنڀي گم ڪيو آهي پوليس بااثر زرعي ٻج ڀاڻ جي ڊيلر جي وانگار وهندي اسان مٿان ڪوڙا ڪيس داخل ڪيا آهن ۽ اڄ اسان جا ٻن نوجوانن کي مبينا کنڀي کڻي گم ڪري ڇڏيو آهي، نوجوان آزاد ڪرائي ڏنا وڃن. هنن آء جي سنڌ، ڊي آء جي سکر ۽ ايس ايس پي سکر کان مطالبو ڪيو ته نوٽيس وٺي اسان جا گرفتار ڪيل نوجوان آزاد ڪيا وڃن نه ته ٻئي صورت ۾ ڊي آء جي آفيس آڏو ڌرڻو هنيو ويندو.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو