وفاقي ڪابينه جي هڪ مهيني جي پگهار ٻوڏ متاثرين کي عطيو ڪرڻ جو اعلان

وفاقي ڪابينه جي هڪ مهيني جي پگهار ٻوڏ متاثرين کي عطيو ڪرڻ جو اعلان

اسلام آباد: (بيورو رپورٽ) وزيراعظم خيبرپختونخواهه جي ٻوڏ متاثرين لاءِ وفاقي ڪابينه جي هڪ مهيني جي پگهار عطيو ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ٻوڏ متاثرين لاءِ جاري امدادي سرگرمين بابت اجلاس ٿيو وزيراعظم ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ وفاقي ادارن کي وڌيڪ سرگرم رهڻ جي هدايت ڪئي. وزيراعظم چيو ته مشڪل جي هن گهڙي ۾ اسان کي متاثر ماڻهن جي مدد ۽ بحالي کي يقيني بنائڻو آهي، هي سياست جو نه پر ماڻهن جي خدمت ڪرڻ جو وقت آهي.هن چيو ته وفاقي حڪومت وزيراعظم پيڪيج جي تحت ٻوڏ متاثرين ۾ امدادي رقم فراهم ڪندي. امدادي شين جي ورهاست، بحالي جي آپريشن جي نگراني ڪشمير معاملن وارو وزير جڏهن ته بجلي، پاڻي ۽ روڊن جي بحالي جي نگراني وفاقي وزير ڪندا.هن وڌيڪ چيو ته لاڳاپيل وزير خيبرپختونخواهه، آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان پاڻ ويندا، اين ايڇ اي صوبائي يا قومي شاهراهن ۾ رنڊڪ نه وجهي، امداد لاءِ رستا کولڻ پهرين ترجيح هجڻ گهرجي. وزيراعظم چيو ته توانائي وارو وزير ٻوڏ متاثر علائقن جو معائنو ڪري جڏهن ته اين ڊي ايم اي فوري طور تي نقصانن جو حتمي جائزو پيش ڪري، انهي کان علاوه امدادي شين جي متاثرين ۾ ورهاست جو لائحه عمل پيش ڪيو وڃي.وزيراعظم ناڻي واري وزارت کي اين ڊي ايم اي کي ضروري وسيلا فراهم ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته آخري شخص تائين مدد ۽ بنيادي انفراسٽرڪچر جي بحالي تائين وفاقي وزير اتي ئي رهندا. صحت واري وزارت دوائون ۽ ڊاڪٽرن جي ٽيمن کي خيبرپختونخواهه اماڻي ۽ ڪيمپس قائم ڪيا وڃن. بينظير انڪم سپورٽ پروگرام کي به متاثرين جي مدد لاءِ متحرڪ ڪيو وڃي.

پهنجو تبصرو موڪليو