وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب، اهم فيصلا متوقع

وفاقي ڪابينا جو اجلاس طلب، اهم فيصلا متوقع

اسلام آباد(بيورو)وزيراعظم شهباز شريف وفاقي ڪابينا جو اجلاس پارليامينٽ هائوس ۾ طلب ڪري ورتو.وفاقي ڪابينا جو اجلاس اڄ شام 3 وڳي ٿيندو، جنهن جي صدارت وزيراعظم شهباز شريف ڪندو.ذريعن موجب وفاقي ڪابينا جي اڄوڪي اجلاس ۾ اهم فيصلن جو امڪان آهي.ذريعن وڌيڪ ٻڌايو آهي ته اجلاس ۾ سپريم ڪورٽ جي فيصلي ۽ سياسي ۽ اندروني صورتحال تي غور ڪيو ويندو. ذريعن جو اهو به چوڻ آهي ته ڪابينا اجلاس ۾ اي سي سي جي فيصلن جي به منظوري ڏني ويندي.

پهنجو تبصرو موڪليو