اسلام آباد(بيورو رپورٽ)مذهبي معاملن وارو وفاقي وزير مفتي عبدالشڪور روڊ حادثي ۾ فوت ٿي ويو.اسلام آباد پوليس موجب مولانا عبدالشڪور ميريٽ کان سيڪريٽريٽ چوڪ ڏانهن وڃي رهيو هو ته هلڪس ريوو (جنهن ۾ 5 ڄڻا سوار هئا) مولانا عبدالشڪور جي ڪار کي ٽڪر هنيو.پوليس جو چوڻ آهي ته مولانا عبدالشڪور کي زخمي حالت ۾ پولي ڪلينڪ اسپتال منتقل ڪيو ويو پر هو صحتياب نه ٿي سگهيو، وزيراعظم،آصف زرداري،بلاول ڀٽو،مولانا فضل الرحمان سميت ٻين پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو










