وفاقي آئيني عدالت ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻيون ملتوي

وفاقي آئيني عدالت ۽ اليڪشن ڪميشن ۾ ٻڌڻيون ملتوي

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) اسلام آباد ۾ سيڪيورٽي ۽ رستن جي بندش سبب وفاقي آئيني عدالت ۾ اڄ جون ٻڌڻيون منسوخ ڪيون ويون. ايراني صدر مسعود پزيشڪيان جي پاڪستان جي دوري جي حوالي سان ريڊ زون ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن. وفاقي آئيني عدالت سمورن ڪاز لسٽن جي منسوخيءَ جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. اسلام آباد ۾ رستن جي بندش سبب سائلن (فريادين) ۽ وڪيلن جي ڏکيائين کي نظر ۾ رکندي ڪاز لسٽ منسوخ ڪئي وئي آهي. ان کان علاوه، اليڪشن ڪميشن ۾ اڄ ٿيندڙ ڪيسن جي ٻڌڻي به ملتوي ڪئي وئي. اليڪشن ڪميشن پي ٽي آءِ جي اڳواڻ مراد سعيد جي خالي سيٽ بابت ڪيس ڊي-لسٽ (فهرست مان خارج) ڪري ڇڏيو آهي، ان ڪيس تي ٻڌڻي هاڻي 24 جون تي ٿيندي.

پهنجو تبصرو موڪليو