اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ وفاقي حڪومت پاران معطل ڪيل سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر کي بحال ڪري ڇڏيو آهي.سپريم ڪورٽ جي جسٽس اعجاز الاحسن جي سربراهي ۾ 3 رڪني بينچ ڪيس جي ٻڌڻي ڪئي، جنهن ۾ عدالت سروس ٽربيونل جي اسپيشل بينچ جي فيصلي خلاف اپيل تي وفاقي حڪومت کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا.غلام محمود ڊوگر جي وڪيل عابد زبيري چيو ته فيڊرل سروس ٽربيونل غلام محمود ڊوگر کي بحال ڪيو هو، سروس ٽربيونل جي 2 رڪني بينچ بحالي واري فيصلي کي معطل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته حڪومت جي نظرثاني واري درخواست به ٽربيونل ۾ التوا ۾ آهي.وڪيل جي دليلن تي جسٽس اعجاز الاحسن سوال ڪيو ته ٽربيونل جي هڪ بينچ ٻي بينچ جو فيصلو ڪيئن معطل ڪري سگهي ٿي؟ هڪ طرف اسپيشل بينچ چيو ته درخواست وقت کان اڳ آهي ۽ حڪم به معطل ڪري ڇڏيو.جسٽس مظاهر نقوي چيو ته لاهور هاءِ ڪورٽ ڪيئن چيو ته آئيني درخواست داخل ناهي؟ بعد ۾ عدالت سي سي پي او لاهور غلام محمود ڊوگر کي بحال ڪندي ڪيس جي ٻڌڻي اڻڄاتل مدي تائين ملتوي ڪري ڇڏي.










