اسلام آباد: (بيورو) وزيراعظم شهباز شريف ملڪ ۾ 15 مهينن کان پوءِ پهريون پوليو ڪيس رپورٽ ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪري ڇڏيو آهي. وزيراعظم پوليو جو ڪيس رپورٽ ٿيڻ تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي سومر تي پوليو کان بچاءُ واري قومي ٽاسڪ فورس جو اجلاس طلب ڪري ورتو آهي. وزيراعظم شهباز شريف اختيارين کي پوليو جي خاتمي لاءِ لائحه عمل جوڙڻ جي هدايت ڪئي آهي. ٻئي طرف اڳوڻي وفاقي وزير فواد چوڌري حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته 15 مهينن کان پوءِ پوليو واپس اچي ويو آهي الله پاڪستان جي حفاظت ڪري.فواد چوڌري چيو ته عمران خان حڪومت ۾ پوليو ختم ٿي ويو هو. بل گيٽس پوليو جي خاتمي کي پاڪستان جي عظيم ڪاميابي قرار ڏئي چڪو هو. هن چيو ته عمران خان حڪومت خلاف سياسي ايڊونچر ملڪي معيشت جي چيلهه ڀڃي ڇڏي.










