وزيراعظم پاران کنڊ جي بحران جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم

وزيراعظم پاران کنڊ جي بحران جي جاچ لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم عمران خان ملڪ م کنڊ جي بحران ۽ قيمتن ۾ واڌ جا سبب ڄاڻڻ ۽ ذميوارن جي تعين لاءِ 3 رڪني ڪميٽي قائم ڪئي آهي. ڪميٽي جو سربراهه ڊي جي آيف آءِ اي هوندو، انٽيلي جنس بيورو جو گريڊ 21 يا 20 جو آفيسر ۽ پنجاب جو ڊي جي اينٽي ڪرپشن ان جا ميمبر هوندا. هي ڪميٽي شگر ملز جي اسٽاڪ. ڪمند جي خريداري ۾ دير، وڌيڪ اگهن تي ڪمند جي خريداري، ذخيرا اندوزي، قيمت وڌائڻ سبب فائدو حاصل ڪندڙ نجي توڙي سرڪاري ماڻهن جي نشاندهي ڪرڻ، آئنده لاءِ اپاءَ تجويز ڪرڻ ته جيئن قيمتن تي ڪنٽرول برقرار رهي. ياد رهي ته ملڪ ۾ 16 کان 18 روپين تائين في ڪلو کنڊ جي اضافي سبب بحران پيدا ٿيو هو جنهن بعد وزيراعظم کنڊ جي ايڪسپورٽ تي پابندي هڻندي جاچ جو حڪم ڏنو هو. ان کان اڳ اپوزيشن جهانگير ترين ۽ خسرو بختيار تي بحران پيد ڪري منافعو ڪمائڻ جو الزام هنيو هو.

پهنجو تبصرو موڪليو