وزيراعظم وٽ استعيفيٰ ۽ اسمبلي ٽوڙڻ جا آپشن آهن، بلاول

وزيراعظم وٽ استعيفيٰ ۽ اسمبلي ٽوڙڻ جا آپشن آهن، بلاول

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پيپلز پارٽي بي اعتمادي رِٿ ۾ حمايت لاءِ مسلم ليگ (ق) جي مطالبن کي مناسب قرار ڏيندي چيو آهي ته اميد آهي ته نواز ليگ لچڪ جو مظاهرو ڪندي. جيو ٽي وي سان ڳالهائيندي بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته عمران خان ڪيو ليگ کي پنجاب جي اسپيڪرشپ ڏني آهي، اسان کين بهتر آفر ڏئي سگهون ٿا، ڪيو ليگ مفت ۾ ته ووٽ نه ڏيندي، سندن مطالبو مناسب آهي. هن چيو ته پ پ دل وڏي ڪري شهباز شريف کي ووٽ ڏيڻ جي قرباني ڏئي سگهي ٿي ته نواز ليگ مان به لچڪ جي اُميد آهي، هن وقت فرد يا پارٽي جو فائدو پاسيرو رکي ملڪي مفاد ۾سوچڻ گهرجي. هن چيو ته عمران خان جي گهر وڃڻ بعد نئون سيٽ اپ محدود مُدي لاءِ هوندو، ان جي ذميواريون چونڊ سڌارا ۽ چونڊون ڪرائڻ هونديون، اڳواڻن کي اهڙيون ڪالز نه آيون آهن، جيڪي پهرين اينديون هيون، اسٽيبلشمينٽ نيوٽرل آهي ته اها سٺي ڳالهه آهي. هن وڌيڪ چيو ته پيپلز پارٽي ڪوئي غير جمهوري ڪم نٿي ڪري سگهي، سموريون سياسي پارٽيون عدم اعتماد تي متفق آهن، اسان ڪافي عرصي کان عدم اعتماد تي ڪم ڪري رهيا آهيون. هن چيو ته ڪير ڪير اسان سان رابطو ڪري رهيو آهي وقت اچڻ تي سمورا ڪارڊ سامهون آڻينداسين، پر هاڻي ڪجهه نٿا ٻڌائي سگهون. هن چيو ته عدم اعتماد ذريعي وزيراعظم کي ڪرسي تان هٽائينداسين، يوسف رضا گيلاني جي اليڪشن ۾ هڪ ٽريلر ڏيکاريو هو، اميد آهي ته عدم اعتماد ذريعي عمران خان کي پارليامينٽ ۾ هڪ وڌيڪ شڪست ملندي. مولانا فضل الرحمان جي بي اعتمادي واري رٿ لاءِ 48 ڪلاڪن جي مهلت بابت پڇيل سوال تي هن چيو ته هو مولانا جي بيان تي تبصرو نٿو ڪري سگهي پر اسلام آباد پهچڻ کان اڳ خان صاحب وٽ ٻه آپشن آهن، هو استعيفيٰ ڏئي ۽ ٻي اسيمبلي ٽوڙي نيون چونڊن ڪرائڻ جو اعلان ڪري، نه ته اسلام آباد پهچي اعتمادي جي رٿ آڻينداسين. ميزبان جڏهن کائنس پڇو ته اوهان جا وار وڏا ٿي ويا آهن آخري ڀيرو ڪڏهن ڪٽرايا هئا ته هن ٽهڪ ڏيندي چيو ته هيئر ڪٽ ڊيو آهي جلد ٺهرائيندس، اصل ۾ سڄي ملڪ جا دورا ڪيا اٿم جيڪو ڪم 6 مهينن جو هو اهو ٻن مهين م ڪيو آهي. واقعي وار وڏا ٿي ويا آهن.

پهنجو تبصرو موڪليو