وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو

وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف اڄ ترڪي جي ٻن ڏينهن جي دوري تي روانو ٿي ويو آهي.وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جي صدر طيب اردگان جي دعوت تي ترڪي جو دورو ڪري رهيو آهي.وزيراعظم استنبول شپ يارڊ ۾ پاڪستان نيوي لاءِ تعمير ٿيندڙ پي اين ايس خيبر جي ڪم جو به افتتاح ڪندو.واضح رهي ته وزيراعظم جي ترڪي جي دوري جي حوالي سان رپورٽون سامهون آيون هيون ته وزيراعظم ترڪي جو دورو ملتوي ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته سڌ سماءَ واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب وزيراعظم شهباز شريف جي ترڪي جو دورو منسوخ ٿيڻ جي خبرن جي ترديد ڪئي هئي.پنهنجي هڪ بيان ۾ هن چيو ته وزيراعظم شهباز شريف ترڪي جو دورو منسوخ ڪرڻ جو ڪو به فيصلو نه ڪيو آهي، وزيراعظم شهباز شريف فريگيٽ جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت لاءِ جمعي تي ترڪي روانو ٿيندو.

پهنجو تبصرو موڪليو