اسلام آباد (بيورو)وزيراعظم شهباز شريف قطر جي ٻن ڏينهن جي سرڪاري دوري تي اسلام آباد روانو ٿي ويو. شهباز شريف قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني جي دعوت تي قطر جو دورو ڪري رهيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جو چوڻ آهي ته قطر سان توانائي، تعاون، واپاري ۽ سيڙپڪاري لاڳاپن کي هٿي ڏيڻ تي ڳالهيون ٿينديون، قطر ۾ پاڪستانين لاءِ روزگار جا وسيع موقعا ڳولڻ تي به ڌيان ڏنو ويندو.شهباز شريف کي فيفا ورلڊ ڪپ جي تيارين تي به بريفنگ ڏني ويندي.ترجمان موجب وزيراعظم جو عهدو سنڀالڻ کانپوءِ شهباز شريف جو قطر جو هي پهريون دورو هوندو، جيڪو 24 آگسٽ تي پورو ٿيندو.










