وزير صحت پاران ٽنڊو باگو ۾ دل جي وارڊ جو افتتاح

وزير صحت پاران ٽنڊو باگو ۾ دل جي وارڊ جو افتتاح

ٽنڊو باگو(فرحت خواجا) سول اسپتال ۾ اين آء سي وي ڊي جي سھڪار سان دل جي مرض ۽ سيني جي سورواري يونٽ جو افتتاح ڊاڪٽرعذرا پيچوهو ڪيو. افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزير صحت چيو ته اسان جي پهرين ترجيح عوام کي صحت جون بنيادي سهولتون مهيا ڪرڻ آهي، ھي يونٽ سنڌ جي پٺتي پيل علائقي ۾ غريب عوام لاءِ تحفي کان گھٽ نه آهي، ھن ايمرجنسي يونٽ ۾ دل جي مريضن ۽ ڇاتي جي سور جو ترت علاج ڪيو ويندو، چوويهه ڪلاڪ ڊاڪٽر موجود ھوندا، اينجيوگرافي به ڪئي ويندي، اي سي جي ۽ دل جي مرض جون دوائون به عوام کي مفت فراھم ڪبيون. ان موقعي تي ايم اين اي مير غلام علي ٽالپر خطاب ڪندي چيو ته ھن يونٽ جي کلڻ سان لاڙ سميت ٿرپارڪر جي عوام کي به رليف ملندو اسان سنڌ حڪومت جا ٿورائتا آهيون جن سنڌ جي پٺتي پيل علائقي ٽنڊو باگو کي اھڙي نعمت سان نوازيو آهي. تقريب ۾ پ پ پ ضلعي صدر حاجي رمضان چانڊيو ضلعي جنرل سيڪريٽري سائين بخش جمالي ۽ سوين پ پ پ ڪارڪنن شرڪت ڪئي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو