ورون ڌون پاران سارا علي خان جي نئين فلم جو اعلان

ورون ڌون پاران سارا علي خان جي نئين فلم جو اعلان

ممبئي(ويب ڊيسڪ)بالي ووڊ جي نوجوان ۽ خوبصورت اداڪارا سارا علي خان نئين فلم ”اي وطن ميري وطن“ ۾ اداڪاري جا جوهر ڏيکاريندي.اهڙو اعلان ورون ڌون انسٽاگرام تي هڪ وڊيو اپ لوڊ ڪندي ڪيو، فلم جو اعلان ڪرڻ کانپوءِ ورون چيو ته اهو اعلان سارا علي خان جي انداز ۾ ڪيو وڃي.هن چيو ته ”نمستا درشڪو، هي منهنجي وطن جي باري ۾ اي وطن جو اعلان آهي، جنهن ۾ آزاديءَ جي سپاهيءَ جو ذڪر آهي.اها وڊيو ساره علي خان پنهنجي انسٽاگرام تي پڻ شيئر ڪئي ۽ چيو ته هوءَ جلد فلم جي سيٽ تان پنهنجي تصوير شيئر ڪندي.چيو ويو آهي ته فلم واقعي واقعن تي ٻڌل هڪ سنسني خيز ڊرامي تي ٻڌل آهي.

پهنجو تبصرو موڪليو