اوٻاوڙو (ن سنڌيار)ڪمون شھيد لڳ ڳوٺ امن چاچڙ جي رهواسين جو عورتن ۽ مردن سميت وابڊا لائن مين منير احمد چاچڙ ۽ ايس ڊي او وابڊا خلاف سراپا احتجاج بڻيل ھن ڳوٺاڻن صحبت چاچڙ۔ رحيم بخش چاچڙ۔ لياقت چاچڙ۔امداد ۔دلبر ۔رياض ۽ ٻين ميڊيا اڳيان داهيندي ٻڌايو ته اسان وٽ تقريبن 18 سالن کان وٺي بجلي جو ٽرانسفارمر لڳل آھي بل به ادا ڪيون پيا مگر ناجائز وابڊا آفيسر ٽرانسفارمر لاهي ويا آھن انهن جو وڌيڪ چوڻ ھو ته بااثر بلال چودري لائن مين منير چاچڙ کي ڀاري رشوت ڏيئي اسان جي گهرن کان بجلي جو ٽرانسفارمر لاهي بلال چودري کي وڪرو ڪري ڇڏيو آھي اسين ڊي سي گهوٽڪي وابڊا جي اعلي عملدارن کي گذارش ڪيون ته وابڊا آفيسرن ۽ لائن مين منير چاچڙ خلاف ڪاروائي ڪري اسان جو وڪرو ڪيل ٽرانسفارمر واپس ڪائي ڏنو وڃي نه ته ٻي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو










