واٽر هائيڊرينٽس جي نيلامي شفاف نموني ڪنداسين، ايم ڊي

واٽر هائيڊرينٽس جي نيلامي شفاف نموني ڪنداسين، ايم ڊي

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) واٽر بورڊ جي سمورن سرڪاري هائيڊرنٽس جي نيلامي صاف ۽ شفاف طريقي سان ڪئي ويندي، واٽر بورڊ انتظاميا پاران هائيڊرنٽس سيل کي جديد طرز تي آڻڻ لاءِ وڌيڪ موثر قدم ۽ سٺا اپاءَ ورتا پيا وڃن، واٽر بورڊ سرڪاري هائيڊرنٽس نيلامي ۾ مڪمل شفافيت ۽ هائيڊرنٽس سيل کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ لاءِ واٽر بورڊ پاران کنيل قدمن جي ڪري هن ڀيري سرڪاري هائيڊرنٽس نيلامي ۾ وڏي تعداد ۾ نيون خواهشمند ڪمپنيون حصو وٺي رهيون آهن، اميد آهي تہ واٽر بورڊ سرڪاري هائيڊرنٽس نيلامي ۾ ڪامياب ماڻيندڙن سموريون ڪمپنيون، ٺيڪيدار ۽ هائيڊرنٽس مالڪان جي پاران صحت واري عالمي اداري طرفان مقرر ڪيل معيار کي نظر ۾ رکندي شهرين کي فراهم ٿيندڙ پاڻي ۾ ڪلورين جي گهربل مقدار کي برقرار رکڻ لاءِ وڌيڪ بهتر قدم کنيا ويندا، اهڙن خيالن جو اظهار سي اي او / ايم ڊي واٽر بورڊ انجنيئر سيد صلاح الدين احمد پنهنجي جاري ڪيل بيان ۾ ڪيو، هن وڌيڪ چيو تہ شهرين کي صاف ۽ صحتمند پاڻي فراهم ڪرڻ اسان جي اولين ترجيحن ۾ شامل آهي، انڪري پنهنجي محدود وسيلن جي باوجود شهرين کي بهتر کان بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ واٽر بورڊ پاران سٺا قدم کنيا پيا وڃن تہ جيئن شهرين کي ڪنهن بہ ڏکيائي يا پريشاني کي منهن ڏيڻو نہ پوي، ان سلسلي ۾ سي اي او واٽر بورڊ پاران انچارج هائيڊرنٽس سيل واٽر بورڊ کي ھدايتون جاري ڪندي چيو تہ سرڪاري هائيڊرنٽس نيلامي جا سمورا مرحلا قانون ۽ قاعدن موجب مڪمل ڪيا وڃن ۽ سمورين قانوني گهرجن کي مڪمل شفافيت سان پورو ڪرڻ لاءِ سٺا قدم کنيا وڃن تہ جيئن شهرين کي وڌيڪ بهتر سهولتون فراهم ڪري سگهجن، واٽر بورڊ سرڪاري هائيڊرنٽس نيلامي جي متعلق انچارج هائيڊرنٽس سيل واٽر بورڊ الاهي بخش ڀٽو وڌيڪ تفصيل ٻڌائيندي چيو تہ واٽر بورڊ جي سرڪاري هائيڊرنٽس جي نيلامي 26 جنوري 2023 تي ڪئي ويندي، هن چيو تہ هن وقت تائين 106 مختلف دلچسپي رکندڙ ڪمپنين پاران واٽر بورڊ سرڪاري هائيڊرنٽس نيلامي ۾ ذاتي دلچسپي وٺندي واٽر بورڊ کي درخواستون ڏيئي چڪا آهن جنھن ۾ پراڻيون هائيڊرنٽس ڪمپنيون، ٺيڪيدار ۽ مالڪن سميت وڏي تعداد ۾ نيون دلچسپي رکندڙ ڪمپنيون پڻ شامل آهن.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو