ڪراچي (اسٽاف رپورٽر)سنڌ حڪومت جي ترجمان مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته سنڌ ۾ لاڪ ڊائون تي وفاق جي واويلا اجائي آهي، لاڪ ڊائون اين سي او سي جي مشاورت سان لڳايو ويو آهي، ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي هن چيو آهي ته وڏي وزير وفاقي وزير اسد عمر ۽ فيصل سلطان سان ڳالهايو هو ۽ اين سي او سي کي ڪورونا صورتحال کان باخبر ڪيو، وفاقي حڪومت ايئن نه چيو ته لاڪ ڊائون نه لڳايو، مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته وفاق بين الصوبائي ٽرانسپورٽ بندش جي اجازت نه ڏني، سنڌ حڪومت لاڪ ڊائون جو ترميمي نوٽيفڪيشن جاري ڪيو، هاڻي چيو وڃي ٿو ته اهو اختيار سنڌ حڪومت جو ناهي، هن چيو آهي ته پنجاب ۾ لاڪ ڊائون تي ڪنهن کي به اعتراض ناهي، سنڌ ۾ لاڪ ڊائون تي اعتراض ڪيو وڃي ٿو، لاڪ ڊائون معيشت نه صحت جو معاملو آهي، ڊاڪٽرز جي مشاورت سان لاڪ ڊائون لڳايو آهي، مرتضيٰ وهاب چيو آهي ته عوام کي قائل نه ٿا ڪري سگهو ته انتشار به نه پکيڙيو، پريس ڪانفرنس جي دوران مرتضيٰ وهاب ڪراچي ۾ موٽر سائيڪل جي ٻيلهه سواري تي پابندي ختم ڪرڻ اعلان ڪندي چيو آهي ته ڪريانه، بيڪري، سبزي، گوشت ۽ کير جي دڪانن جو وقت تبديل ٿيندو، وئڪسنيشن وڌائڻ لاءِ پبلڪ ٽرانسپورٽ به کليل رهندي، جيڪڏهن ڪنهن شادي هال ۾ تقريب ٿي ته اُن کي 30 ڏينهن لاءِ سيل ڪيو ويندو.
خط مامرو: هاءِ ڪورٽ جي سڀني ججن کان تجويزون طلب
جاپاني شهرين جي گاڏي لڳ ڌماڪو 2 فوت ۽ 2 زخمي
عالمي واٽر سمٽ ۾ گورننس کي بهتر ڪرڻ تي زور
ٽي ايل پي بابت رپورٽ صوبائي حڪومت سان شيئر نه ڪئي وئي
پشاور ۽ بلوچستان جي چيف جسٽسز جي نالن جي منظوري
دهشتگردن سان ڳالهيون نه ٿينديون، تارڙ جو پاليسي بيان
آءِ ايم ايف پاران مختصر مدي وارو پروگرام وٺڻ جي صلاح
بلوچستان جي 14 رڪني ڪابينا حلف کڻي ورتو
ڪينيا جو آرمي چيف ڏهه آفيسر سميت اجل جو شڪار
خصوصي سيٽن وارن ميمبرن کان حلف وٺڻ جو حڪم
حدبندي جو تڪرار ، پينو فقير عدالت پهچي ويا
ٽڪ ٽاڪ پاران نئين ايپ متعارف
ايران تي اسرائيلي جارحيت، صورتحال جو جائزو وٺون پيا، ترجمان
جمشيد دستي ۽ اقبال احمد خان تي اجلاس ۾ شرڪت تي پابندي
مبينا جاسوسي جي جوابدار جي ضمانت واري درخواست رد
دهشتگردي جي مڪمل خاتمي تائين سڪون سان نه ويهنداسين
دنيا جي سڀ کان وڏي چونڊ، ڀارت ۾ ووٽنگ شروع
انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 50 پئسا ٿي ويو
ٽرانسپورٽ جو ڀڳل ٽٽل نظام
ڌاڙيلن خلاف جديد ٽيڪنالاجي سان گڏيل آپريشن جو فيصلو