لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستاني شوبز انڊسٽريءَ جي مشهور اداڪاره ۽ ميزبان مشعل خان واقعئه ڪربلا جي حوالي سان هڪ جذباتي ۽ فڪر انگيز تحرير شيئر ڪئي آهي. هن فوٽو ۽ وڊيو شيئرنگ پليٽ فارم انسٽاگرام تي واقعئه ڪربلا جي حوالي سان هڪ وڊيو شيئر ڪئي.پنهنجي وڊيو ۾ مشعل خان چيو ته ”مون محرم جي حوالي سان ڪجهه لکيو آهي، ڇو ته گهڻا ماڻهو پڇندا آهن ته اسان ڪربلا تي ڇو روئيندا آهيون؟ پر منهنجو به هڪ سوال آهي ته ڇا توهان واقعي ڄاڻو ٿا ته امام حسينؓ ڪير هئا؟ ڇا توهان ڪڏهن حقيقي معنيٰ ۾ سندن شخصيت کي سمجهڻ جي ڪوشش ڪئي؟ اهو امام جنهن پنهنجو گهر، پنهنجا ساٿي، پنهنجا ڀائر، ڀائيٽيا، پٽ، ايستائين جو پنهنجو ڇهن مهينن جو ٿڃ پيئندڙ ٻار به الله جي راهه ۾ قربان ڪري ڇڏيو، پر پنهنجي ضمير ۽ حق جي رستي تي سوديبازي نه ڪئي.هن چيو ته ”ذرا ٻڌايو، ڇا توهان انهن نالن کي ڄاڻو ٿا؟ مولا عباسؓ، حضرت قاسمؓ، حضرت عونؓ، حضرت محمدؓ، حضرت علي اصغرؓ، بي بي سڪينهؓ، بي بي زينبؓ، حضرت حرؓ. جيڪڏهن اهي سڀ توهان لاءِ رڳو نالا آهن، ته پوءِ توهان ڪربلا کي اڃا تائين ناهي سمجهيو.هن وڌيڪ چيو ته ”مولا عباسؓ اهي علمبردار هئا جن جو جهنڊو ان وقت تائين هيٺ نه ٿيو جيسين سندن ٻئي ٻانهون قلم نه ڪيون ويون ۽ سندن آخري لفظ هئا: ’اي حسينؓ، منهنجا ڀاءُ، منهنجا امام‘. حضرت علي اڪبرؓ جي قربانيءَ جو تصور ڪريو، اهو پٽ جنهن جو چهرو پنهنجي ناني حضرت محمد ﷺ سان سڀ کان وڌيڪ مشابھت رکندو هو ۽ پوءِ هڪ پيءُ کي پنهنجي ان جوان پٽ جو مڙھ کڻڻو پيو. حضرت علي اصغرؓ صرف 6 مهينن جا معصوم ٻار هئا، جن کي نه تلوار هلائڻ ايندي هئي ۽ نه ئي جنگ جي مفهوم جي خبر هئي. سندن حصي ۾ صرف اڃ آئي ۽ ان جو جواب هڪ تير جي صورت ۾ ڏنو ويو. مشعل خان پنهنجي تحرير جي پڇاڙيءَ ۾ چيو ته ”واقعئه ڪربلا اسان کي حق جو ساٿ ڏيڻ جو درس ڏئي ٿو. جيسين حق ۽ باطل جي جنگ باقي آهي، جيسين مظلوم ۽ ظالم جي وچ ۾ فرق موجود آهي ۽ جيسين انسانيت زندهه آهي، ڪربلا صرف تاريخ جو هڪ باب نه رهندي، پر هر ان دل ۾ زندهه رهندي جيڪا امام حسينؓ سان محبت رکي ٿي.“










