ٽنڊوغلام حيدر(مير حسن رند) ڳوٺ حاجي جعفر چانڊيو ۾ صحت کاتي پاران لڳايل ايڇ آء وي ٽيسٽ ڪئمپ ۾ ايڇ آء وي پازيٽو جا 7 ڪيس ظاهر ٿيا آهن. ڳوٺ جي نيڪ مرد جان محمد عرف جانڻ چانڊيو تصديق ڪندي صحافين کي ٻڌايو تہ اڄ ڳوٺ ۾ لڳل ڪئمپ دوران نوان ڪيس ظاهر ٿيا آهن. هوڏانهن صحت کاتي ٽنڊي محمدخان ۾ پنهنجي نااهلي لڪائڻ لاءِ ۽ ميڊيا جي پريشر کان بچڻ لاء ڄاڻايل ڳوٺ ۾ ڳجھ ڳوھ ۾ ڪئمپ لڳائي ڳوٺ جي 200 جي لڳ ڀڳ ماڻھن جي بلڊ اسڪريننگ ڪرڻ بعد ڪئمپ پٽي هليا ويا جڏھن تہ هڪ ئي ڳوٺ جي اڌ آبادي جي ٽيسٽن بعد ايترا ڪيس ظاهر ٿيڻ کان پوء علائقي ۾ خوف واري صورتحال آهي. ايڇ آء وي متاثر ڳوٺ جي رهواسين صحافين کي ٻڌايو تہ اڄ صرف اڌ ڳوٺ جي رهواسين جون ٽيسٽون ٿيون آھن باقي رهيل ڳوٺاڻن کي ٽنڊومحمد خان اچڻ جو چيوويو آھي. رابطو ڪرڻ تي ايڇ آءِ وي ڊسٽرڪٽ فوڪل پرسن ڊاڪٽر شڪيل قريشي ٻڌايو تہ ڪئمپ تي سوا ٻہ سئو ماڻھن جي بلڊ اسڪرينگ ڪئي آھي هو ايڇ آء وي مريضن بابت وڌيڪ ڪجھ ٻڌائڻ کان لنوائيندو رهيو.










