هڪ ڪلو چرس سميت عورت گرفتار، جيل حوالي

هڪ ڪلو چرس سميت عورت گرفتار، جيل حوالي

شيخ ڀرڪيو )مظفر علي بروهي(ايس ايس پي حيدرآباد عديل حسين چانڊيو جي منشيات فروشن ۽ سماج دشمن عناصرن خلاف ڪاروائي ڪرڻ واري حڪم تي ايس ايڇ او پٻڻ امتياز لاڙڪ خفيه اطلاع تي ڪاروائي ڪري مشڪوڪ عورت فرزانه بنگالي جي تلاشي ورتي ته سندس قبضي مان هڪ ڪلوچرس برآمد ٿيو جنهن تي پوليس  منشيات فروش عورت کي لاڪپ ڪندي مٿس منشيات ايڪٽ 9 سي تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو. رابطي ڪرڻ تي ايس ايڇ او ٻڌايو ته ڄاڻايل عورت خفيه طريقي سان ڪافي وقت کان چرس وڪرو ڪندي هئي  ۽ عورت هئڻ جو فائدو وٺي پوليس کان نڪري ويندي هئي. هن ڀير پڪڙجي پئي، مٿس ڪيس داخل ڪري کيس عدالت ۾ پيش ڪيو ويو جتان کيس جيل موڪليو ويو آهي.

کیٹاگری میں : سنڌ

پهنجو تبصرو موڪليو